امين جويو

Author Name

ليکڪ ۽ محقق. محمد امين ولد غلام سرور جويو 15 سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ قائم شاهہ، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان B.com ۽ MBA (HRM) جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم دؤران روينيو، ٽيليفون کاتي، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ هوٽلن سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو. 2016ع کان ’سنڌ اڀياس اڪيڊمي‘ ڪراچيءَ ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ طور تحقيقي ڪمن سان وابستہ آهي. هن لکڻ جي شروعات 2016ع کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن: ’ڪاوش‘، ’عبرت‘، ’عوامي آواز‘، ’سورمي‘، ’همسري‘، ’سنسار‘، ’چانڊوڪي‘، ’نئين آس‘ ۽ ’سفير سنڌ‘ ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن تہ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو پڻ رُڪن آهي. امين جويو ھڪ ريسرچ اسڪالر آھي.  ھو سنڌ ۾ موجود مختلف تواريخي ۽ سياحتي ماڳن تي وڃي ٿو ۽ اتي موجود قديم آثارن، مسجدن، مقبرن ۽ مندرن جي وڊيو ڊاڪيومينٽريز ٺاھي ٿو. ان سان گڏ ھو اتان جي مقامي ماڻھن کان انٽرويوز وٺي، پرائمري ريسرچ جون تقاضائون پوريون ڪري ٿو. ان کان پوء سيڪنڊري ريسرچ ۾ انھن ماڳن بابت حوالا ھٿ ڪري، پنھنجي پرائمري ريسرچ ۽ مشاھدي جي بنياد تي تحقيقي مضمون لکي ٿو. سندس ڊگري تہ MBA  آھي ،پر سندس شوق اينٿروپولوجي ۽ ٽوئرازم طرف وڌيڪ آھي. 
ھو تحقيقي مضمون لکڻ سان گڏ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪتابن تي اڀياس پڻ لکندو آھي. ان کان سواءِ خانگي طور ٽوئر گائيڊ جو ڪم پڻ ڪندو آھي. گذريل ٻاويھہ سالن ۾ ھو سنڌ جون 1500 کن سائيٽس ڏسي چڪو آھي. سندس پھريون تحقيقي ڪتاب ”تحقيق جي ڀري“ 2021ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنھن ۾ دادو ضلعي جي تعلقن جوهي ۽ خيرپور ناٿن شاهہ جي ڪُجهہ چٽسالي ٿيل اڏاوتن تي سندس تحقيقي مضمون شامل آهن. جڏھن تہ سندس ھڪ ترتيب ڏنل ڪتاب  ”حيدرآباد ھيريٽيج ڪانفرنس“ 2024ع ۾ ڇپيو آھي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امين جويو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


امين جويو جا ڪتاب

تحقيق جي ڀَري (حصو پھريون)، مصنف : امين جويو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تحقيق جي ڀَري (حصو پھريون)
مصنف : امين جويو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ