صحافي، شاعر، ڪالم نويس ۽ ڊراما نگار نياز پنھور جو نالو ذوالفقار علي ولد محمد ابراهيم پنھور آهي، هن 15 جولاءِ 1963ع تي عمرڪوٽ جي شھر شادي پليءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان؛ مئٽرڪ 1979ع ۾ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما؛ ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ (مڪينيڪل)، ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1982ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ انٽرميڊيئٽ حيدرآباد مان (پرائيويٽ) ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. نياز پنھور ايم. اي صحافت، ايم. اي پاڪستان اسٽڊي، ايم. اي سنڌي آهي. حيدرآباد لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪئي اٿس. سندس والد 1950ع کان بہ اڳ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. والد کي ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سبب ننڍيون وڏيون نوڪريون ڇڏڻيون پيون. اهو ئي سبب آهي جو نياز پنھور جي تربيت هڪ مسڪين پر پڙهيي لکيي گهراڻي جي فرد جي هٿ هيٺ ٿي. پيءُ جي نقش قدم تي نياز پنھور مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ بعد گهريلو ضرورتن جي مد نظر انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ حيدرآباد/ ميرپورخاص ۾ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي ۽ پرائيويٽ طور پڙهندو بہ رهيو. ان بعد ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪاليج سيڪشن ۾ ليڪچرار رهڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ڊگري ڪاليج کپري ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. نياز پنھور کي ننڍي لاءِ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ ٿيو. سڀ کان پھرين هن پنهنجي گهر ۾ پيل مولوي احمد ملاح جي ڪتابن کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. هن جي پھرين لکڻي (ڪھاڻي) 1972ع ڌاري روزاني هلال پاڪستان جي صفحي ’گلن جھڙا ٻارڙا‘ ۾ شايع ٿي، تڏهن هو ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو. غربت سبب هن پنھنجي والد سان گهر جي خرچ ۾ هٿ ونڊائڻ خاطر ڇولا ۽ گجرون پڻ کپايون ۽ ڪتابن سان ٻاراڻي وهيءَ ۾ ذوق هئڻ سبب ان پورهيي مان بچت ڪري ريڙهن تان ڪتاب وٺي پڙهندو رهيو. ابتدائي طور ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويندو رهيو، جتي گل ڦل رسالي جي تڏهوڪي ايڊيٽر سوز هالائي سندس ادبي تربيت ڪئي ۽ سندس لکڻيون شايع ڪيون. سندس امڙ پڻ انھيءَ وقت ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پڙهيل هئي، اهو ئي سبب هن جي تربيت ماءُ جي هنج ۾ علمي ۽ ادبي نموني جي ٿيس. نياز ماڊل اسڪول ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ چڻنگ سنگت جو مرڪزي پريس سيڪريٽري بہ رهيو. صحافتي ڪيريئر جي شروعات روزاني مھراڻ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪيائين، اتي سب ايڊيٽر رهيو ۽ بعد ۾ آگسٽ 1990ع کان ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ ان ۾ نيوز ايڊيٽر ٿيو. هن، 12 جولاءِ 1990ع تي مائٽن جي مرضيءَ سان افروز عباسيءَ سان شادي ڪئي. کيس برکا، علي بابا، باک ۽ مرتضيٰ نالي چئن ٻارڙن جو اولاد آهي، 1980ع واري زماني ۾ سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ’ٽماهي مھراڻ‘ ۽ ’آرسي‘ جھڙن رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون ۽ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو پھريون ڳٽڪو ”ڪوڏ ۽ سپون“ 1981ع ۾ شايع ٿيو، جنھن تي انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران کيس ’ٻاراڻي ادب‘ جو انعام پڻ ڏنو ويو. 1982ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، ڄامشوري شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران نياز پنھور، شمشيرالحيدري سان گڏ مھراڻ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. ان زماني ۾ ڄمار جي لحاظ کان هيءُ ڪنھن اخبار ۾ ننڍي عمر جو نيوز ايڊيٽر هو. ان کانسواءِ ’گلن جھڙا ٻارڙا‘ رسالي ۾ هن جا 1974ع جي زماني ۾ سوين شعر، ماهوار گل ڦل ۾ لاتعداد ڪالم ڇپيا، پي. ٽي. وي جي پروگرام چھچٽي لاءِ 13 مزاحيہ خاڪا ۽ 6 ڊراما لکيائين. ’گلن جھڙا ٻارڙا‘، سنگت جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري، ’ٻارڙن جي ٻاري‘ جو مرڪزي چيئرمئن؛ ’ٻارڙن جي محفل‘ ۽ ’چڻنگ سنگت‘ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري؛ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو مرڪزي خزانچي، پريس ڪلب حيدرآباد جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر، ماهوار ”ٻالڪ رسالي“ جو ايڊيٽر، ماهوار ”نئون نياپو“ ۽ ”ماڪ“ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر؛ سرتاج مئگزين جو ايڊيٽر بہ رهيو. ان کان سواءِ ڪي. ٽي. اين تي موسيقيءَ جي پروگرام ’محفل‘ جو ميزبان ۽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي، کيس ”نئين زندگي“ رسالي۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان بھترين شاعر جو اوارڊ، نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ پاران هڪ ورڪشاپ ۾ بھتر ڪارڪردگيءَ عيوض ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ۽ ايس ٽي پي پاران بھترين صحافيءَ جو اوارڊ پڻ مليو. هيءُ وڏي عرصي تائين ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. علمي ادبي لحاظ کان دوستن جو هڪ وڏو حلقو اٿس. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي. پاڻ ريڊيو پاڪستان تي صداڪاري ڪرڻ سميت ڪي ٽي. اين جي پروگرام ’ڪاوش عوام آڏو‘ جو ميزبان بہ رھيو آهي. ’هينئڙي سڄڻ ساريا‘ سندس خاڪن جو ڪتاب 2021ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نياز پنھور جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن