بيخود بلوچ

Author Name

نامياري شاعر بيخود بلوچ جو اصل نالو فتح ﷲ جسڪاڻي آھي. سندس جنم 14 آگسٽ  1971ع تي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ ۾ ٿيو. هُن جو والد مرحوم نصر ﷲ جسڪاڻي هڪ سچو سماجي ڪارڪن هو. بيخود بلوچ  1996ع ۾ شاهہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سنڌيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پھريون شعر 1988ع ۾ ماهوار ”الصادق“ ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي سنگت پنو عاقل سان 1990کان وابستہ آهي ۽ شاخ جو 3 دفعا سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ان کان علاوہ (05-2004ع) ۾ س. ا. س ضلعي سکر جو رابطا سيڪريٽري بہ ٿيو. شاهہ لطيف فائونڊيشن جو تعلقي صدر ۽ ضلعي پريس سيڪريٽري بہ رھيو آهي. هُو مرحوم اظھر گيلانيءَ جي صحبت ۾ پڻ رهيو. 2007ع ۾ اظھر اڪيڊميءَ سنڌ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. بيخود بلوچ غزل جو سٺو شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي ٻين صنفن تي بہ طبع آزمائي ڪئي اٿس. 
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: 1. درد ۽ امنگ دل ۾ (1995)، 2. ٻوليون لوليون ٻارن جون  (1996)، 3. هوا ۾ ٻرياسين (2005، 4. جاڳو ٻارو (2010ع)۽ اعتراض (2018ع) شامل آھن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي بيخود بلوچ جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


بيخود بلوچ جا ڪتاب

ٻوليون لوليون ٻارن جون، مصنف : بيخود بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٻوليون لوليون ٻارن جون
مصنف : بيخود بلوچ
جاڳو ٻارو، مصنف : بيخود بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جاڳو ٻارو
مصنف : بيخود بلوچ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ