سليم چنا

Author Name

مشھور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، 5 اپريل 1954ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 1979ع ۾ بي. اي ڪئي ۽ 2003ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ، ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس ۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ سميت مختلف ڪورس بہ ڪيا. ننڍپڻ کان مختلف ملازمتون ڪندو رهيو. 1975ع ۾ ڪجهہ مھينا داروغو رهيو. مختلف ڊاڪٽرن وٽ ڊسپينسر طور بہ ڪم ڪيائين. 1984ع ۾ کيس ڪسٽم، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز پوليس ۾ ڪسٽم انسپيڪٽر جي نوڪري ملي. هن وقت اتي ڊپٽي سپريڊينٽ آهي. سليم چنا ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪئي. شاگرد سياست توڙي ادبي تنظيمن سان وابستہ رهيو آهي. هن شاعريءَ کان سواءِ مضمون، ڪھاڻيون، مقالا، جيون ڪٿائون، شخصي پروفائيل، اکين ڏٺا احوال، صحافت ۽ ناولن تي بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪجهہ مھينا نامياري شاعر نياز همايونيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ مرڪزي اردو بورڊ جي لائبرريءَ، حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿي بہ ڪم ڪيائين ۽ 70ع واري ڏهاڪي کان اُتي ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنھنجون نڪور تخليقون پيش ڪيائين. ملازمت دوران کانئس شعر جي اصلاح ورتائين. سليم چنا سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. هن اسٽيج اداڪار طور بہ پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو آهي. کيس ڪيترين تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن. سليم چنا جاکوڙي ۽ سادہ مزاج اديب آهي. هن پنھنجا سڀ ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايا آهن. ساڃھہ وند دوستن ۽ لائبررين کي سوکڙيءَ طور مفت ڏيندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ حيدرآباد شاخ جو ٻہ دفعا سيڪريٽري ۽ ڪيترائي ڀيرا عھديدار بہ رهيو آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) سج منھنجي هٿن ۾ (ڪھاڻيون: 1995ع)، (2) زندگي (ڪھاڻيون: 1996ع)، (3) روشني (ڪھاڻيون: 1997ع)، (4) صحرا جو چنڊ (ڪھاڻيون: 1998ع)، (5) آوارہ آواز (شاعري: 1999ع)، (6) اڌورا خواب (ڪھاڻيون: 2005ع)، (7) سحر (ناول: 2007ع)، (8) برسات (ناول: 2008ع)، (9) گم ٿيل ماڻھو (ناول: 2009ع)، (10) کيت خواب جھڙا (ناول: 2009ع)، (11) نيڻ نھار (وايون: 2009ع)، (12) قيدي پکي (نثري نظم: 2010ع)، (13) سنڌوءَ ڪناري (نثري نظم: 2010ع)، (14) اسين اڃا سوچيون ويٺا (نثري نظم: 2010ع)، (15) ڏاها منھنجي ڏيھہ جا (جيون ڪٿائون، خاڪا، تعارف: 2010ع)، (16) آسماني ستارو (شاعري، ڪھاڻيون، تبصرا: 2011ع)، (17) شينھن بنا ٻيلو (ڪھاڻيون: 2011ع) شامل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سليم چنا جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


سليم چنا جا ڪتاب

کيت خواب جھڙا، مصنف : سليم چنا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
کيت خواب جھڙا
مصنف : سليم چنا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ