امين لغاري

Author Name

ليکڪ ۽ محقق امين محمد ولد ولي محمد لغاري، 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي جون ڊگريون هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان حاصل ڪيون. 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان. ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ هڪ سال تائين ريسرچ آفيسر ٿي رهيو. ’فرنٽيئر پوسٽ‘ حيدرآباد بيورو ۾ صحافت جي عملي سکيا حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزي اخبار ”سنڌ ايڪسپريس“ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف ٿي رهيو. 1992ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ پبليڪيشن ڪوآرڊينيٽر، پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر /ڊپٽي ڊائريڪٽر پبليڪيشن اينڊ ريسرچ طور ترقي حاصل ڪئي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ ملازمت دوران هن اداري جي ’تحقيقي جرنل‘، ’خبرنامي‘ ۽ مختلف وقتن تي شايع ٿيل سووينئرس جي تياريءَ ۾ ايڊيٽر ۽ سھڪاري طور اهم ڪردار ادا ڪيو. اداري جي پروگرام آفيسر ۽ پبلڪ رليشن آفيسر طور هن اداري جا ڪيترائي اهم پروگرام ۽ ڪانفرنسون ڪرايون. مختلف وقتن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري جون اضافي ذميواريون بہ سندس حوالي رهيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جديد صحافت‘، ’دنيا جون مشھور شخصيتون (ترجمو)‘، ’پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي لغت‘، ’ماس ميڊيا‘ ۽ ’سنڌي ٻولي‘ قليچ بيگ نمبر (تاج جويي سان گڏ ترتيب) شامل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امين لغاري جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


امين لغاري جا ڪتاب

جديد صحافت، مصنف : امين لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جديد صحافت
مصنف : امين لغاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ