نسيم ٿيٻو

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪارہ ۽ دانشور خاتون نسيم ٿيٻو پھرين اپريل 1948ع تي گهاڙي، (ٿيٻن جي ڳوٺ) تعلقي ميھڙ ۾ مير عبدالباقي ٿيٻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والدہ بيگم بادام ناتوان، پنھنجي دور جي بھترين ليکڪا هئي، جنھن ’خوش خصلت خاتون‘ جھڙو آدرشي ڪتاب لکي ادبي ميدان ۾ مڃتا حاصل ڪئي، اهو ڪتاب پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو. نسيم ٿيٻو ملڪ جي ناليواري سياستدان رسول بخش پليجي جي گهر واري ۽ ناليواري ڪميونسٽ اڳواڻ مير ٿيٻي جي ڀيڻ هئي. پليجي صاحب سان سندس شادي 1968ع ۾ ٿي، جنھن مان کيس تانيا ۽ انيتا نالي ٻہ نياڻيون پيدا ٿيون. ٻئي ادبي کيتر ۾ ڄاتل ۽ سڃاتل ليکڪائون آهن. نسيم ٿيٻو پيشي جي حوالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اقتصاديات جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تي رهي ۽ 2000ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. نسيم سنڌي ادب جي سٺي ليکڪا هئي، خاص ڪري ڪھاڻيءَ ۾ کيس مخصوص سڃاڻپ ۽ حيثيت حاصل رهي. هن 80-70 وارن ڏهاڪن ۾ تمام سٺيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڪھاڻيون لکي ادبي حلقي ۾ پنھنجو ڌاڪو ويھاريو. هن اٽڪل 25 ڪھاڻيون لکيون. 80 واري ڏهاڪي کانپوءِ هن لکڻ گهٽائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هن ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. نسيم ٿيٻو جا ناناڻا شڪارپور جا ويٺل هئا، تنھنڪري هن جو ننڍپڻ ۽ جواني بہ شڪارپور ۾ گذري. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’اُڀر چنڊ پس پرين‘ سنڌي ادبي بورڊ  2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنھن جو مرتب دين محمد ڪلھوڙو آهي. . نسيم ٿيٻو 19 مارچ 2012ع تي 64 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. 

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب