اديب، شاعر ۽ صحافي غلام مصطفيٰ سولنگي ولد احمد خان سولنگي، 8 مارچ 1976ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ڳھيلا ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ورتائين. انٽر ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان گرئجوئيشن ڪيائين. غلام مصطفيٰ سولنگي لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ ٻاراڻي ادب کان ڪئي. هن جي پھرين ٻاراڻي ڪھاڻي ’ناني نوران جي آکاڻي‘ گل ڦل ۾ ڇپي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت کان ڪئي. روزاني هلچل، روزاني سنڌ، روزاني تعمير سنڌ، روزاني ڪاوش، روزاني عبرت، روزاني فيصلو ۽ ٻين اخبارن ۾ سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ اسٽاف رپورٽر رهي چڪو آهي. ڪن اخبارن ۾ ’رم جهم‘ ۽ ’مکڙيون‘ نالي ٻارن جا صفحا ترتيب ڏنائين. ڀان سعيدآباد مان ٻارڙن جا رسالا ’ڪنول‘ ۽ ’ٻارڙن جي ٻاري‘ جاري ڪيائين. ريڊيو پبليڪيشن ۽ ادب پبليڪيشن ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. مھراڻ ٽي وي تي صحافي ۽ اينڪر جي حيثيت ۾ ڪيترا پروگرام ڪيائين. هن پي. ٽي. ويءَ تي عزيز ڪنگراڻيءَ جي ڊرامي ’ڪونج‘ سميت ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري بہ ڪئي آهي. هن وقت تائين هن جا 5 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) درد جي موسم (شاعري: 2001ع)، (2) ’سنڌيءَ ۾ ٻارن جي شاعريءَ جي ائنٿالاجي‘ (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: 2007ع)، (3) ’اسيمبليءَ جو راڳ‘ (محمد صديق مسافر جي شاعري)، (4) مزاحيہ تبصرن تي مشتمل ڪتاب ’چئبو سچ‘ (2012ع)، (5) ’منھنجو شھزادو سمھي رهيو‘.(6) دانھون منھنجي ديس جون (ڪالم: 2013)‘. ادبي، صحافتي ۽ فني دنيا ۾ سندس خدمتن تي کيس ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. غلام مصطفيٰ سولنگي ’ينگ رائيٽرس فورم، سنڌ‘ جو چيئرمين آهي، هن تنظيم پاران ادبي پروگرام ۽ اوارڊ تقريبون ڪرائيندو رهي ٿو. هي مھراڻ ٽي. وي گروپ جي روزاني اخبار ’آسرو‘ جو پھريون ايڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. هن وقت اردو ٽي. وي چئنل ’سچ ٽي. وي‘ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف آهي. ان کانسواءِ ’سنڌ راڻي‘ مئگزين ، ماهوار ’اڳواڻ‘ مئگزين جو چيف ايڊيٽر ۽ ’سنڌ آئي‘ مئگزين جو ايڊيٽر بہ آهي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي غلام مصطفيٰ سولنگي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن