course image
Dr Muhammad Laiq Zardari

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

مشھور اديب، پروفيسر، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري 23 آگسٽ 1943ع تي ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري، تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. هن جا ابا ڏاڏا مالوند ۽ زرعي پيشي سان وابستہ هئا. سندن ڳوٺ ۾ اسڪول نہ هئڻ ڪري محمد لائق کي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ مڪراري وڃڻو پوندو هو، پرائمري تعليم مڪمل ڪري مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان 1964ع ۾ ڪيائين. هن مھراڻ ڪاليج موري مان 1968ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. اي سياسيات ڪيائين. هي ننڍپڻ کان وٺي اورچ ۽ محنتي هو، تاريخ، سياست ۽ عام معلومات جا ڪتاب شوق سان پڙهندو هو، کيس سنڌ جي تاريخ سان خاص دلچسپي هئي، جنھنڪري هن ’تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو‘ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي .ڊاڪٽر محمد لائق نوڪريءَ جي شروعات هڪ آرٽ ٽيچر طور ڪئي ۽ ملازمت دوران حيدرآباد جي آرٽ ڪاليج مان تربيت بہ ورتائين. ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرار ٿي رهيو، 1998ع کان مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جو پرنسپال ٿيو. محمد لائق 1996ع ۾ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان، يونيسڪو ڪميشن اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عھدي تي رهيو، جنھن کانپوءِ بلاول انسٽيٽيوٽ فار هسٽري اينڊ ريسرچ جو ڊائريڪٽر ٿيو. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، ساڃاهہ ڪلچرل ايسوسيئيشن ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ موري سان وابستہ رهيو آهي. تاريخ تي تحقيق جي سلسلي ۾ 1995ع ۾ انڊيا آفيس لائبريري لنڊن ۾ وڃي، سنڌ جي تاريخ تي بي بھا مواد هٿ ڪيائين. سندس تعليمي خدمتن تي نوابشاھہ ايجوڪيشنل ۽ ويلفيئر سوسائٽي 1987ع ۾کيس اوارڊ بہ ڏنو. محمد لائق زرداريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: 1.سنڌ جي سياسي جدوجھد 2. تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، 3. واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلھوڙو، 4. غدار سنڌ (اردو) 5. مجذوب حافظ علي زرداري، 6. لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين (سفرنامو) 7. تاريخ ضلعو نوابشاھہ 2001ع 8.History of Sindh (2 Edition). قابل ذڪر آهن. پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 3 جولاءِ 2017ع تي وفات ڪئي.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image