مرتضيٰ سيال
ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضيٰ سيال جو پورو نالو غلام مرتضيٰ ولد در محمد سيال آهي. هن 29 جون 1965 تي سنڌ جي تاريخي شھر هالاڻي، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم هالاڻيءَ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين ۽ مئٽرڪ 1980ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالاڻيءَ مان ڪيائين. گرئجوئيشن کانپوءِ، ايم. اي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان، فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. مرتضيٰ سيال لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻي ادب سان ڪئي. سندس تحريرون روزاني هلال پاڪستان، عبرت، آفتاب، گل ڦل، رابيل، گلن جهڙا ٻارڙا، لالي رسالن ۽ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. هن ڪھاڻيون ۽ ڪالم بہ لکيا آهن ۽ شاعري بہ ڪئي آهي. مرتضيٰ سيال عملي زندگيءَ جي شروعات 1992ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ رليشنس آفيسر طور ڪئي. هن وقت ھو ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طور ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مرتضيٰ سيال وڏي عرصي تائين سنڌ جي مقبول ۽ واحد فيملي مئگزين عبرت مئگزين جو ايڊيٽر رهيو آهي. کيس ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي ڪيترا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ اجرڪ آرٽ ايوارڊ (90-1989ع)، اي. پي. اين. ايس ايوارڊ (06-2005ع) وغيرہ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ھڪ سُڏڪو لکت ۾“ (ڪالم) 2013ع ۽ ”سنڌ جي ساڃاھہ کان سوال“ (انٽرويوز) 2014ع ۾ ڇپيل آھن.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل