غلام علي الانا ”عاجز“

ناميارو شاعر، محقق ۽ سياستدان  غلام علي جِي .الانا ، 22 جون 1906ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس پورو نالو غلام علي الانا ھو . سينٽ پيٽرڪس ھاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ، وڌيڪ تعليم لاءِ ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني (ڀارت ) ۾ پڙهيو . شاگرديءَ واري زماني ۾ ، تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين . 20 سالن تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر چونڊيو رهيو، 1968ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ، ڇھن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو . تقريباً 120 بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڪجهہ وقت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ پاڪستان جو چيئرمئن پڻ رهيو . آغاخان فيڊرل ڪائونسل فار پاڪستان جو سالن تائين صدر رهيو. سندس گهر واري مسز جينوما الانا ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري رهي. جي . الانا جي سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب ؟ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ ڇپيل آھي، جڏھن تہ سندس شاعريءَ جو اردو ، بنگالي ، گجراتي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي . اردوءَ ۾ لکيل سندس سفرنامو ” ديس بديس “ بہ شايع ٿي چڪو آھي . سندس ٻين تصنيفن ۾ ” قائداعظم اسٽوري آف نيشن “ ( انگريزي ) ، “ Our Freedom Fighters ” ، ” پاڪستاني شاعري “ ، ” محبت ڪي مشرقي داستانين “ “ Four Classical Poets of Sindh ” ۽ “ Memories of Prince Ali Khan ” شامل آھن . 78 سالن جي ڄمار ۾ 5 مارچ 1984ع تي وفات ڪيائين .

  • جنم: 1906-06-22
  • ورسي: 1984-03-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image