پروفيسر رام پنجواڻي

هند سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، راڳي، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو پورو نالو رام پرتاب راءِ پنجواڻي هو. هن 20 نومبر 1911ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ڪاليجي تعليم لاءِ ڊِي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. جتي هو پرنسپال توڙي پروفيسرن جو لاڏلو شاگرد بڻجي رهيو. هن سريلي آواز وسيلي سڀني کي موهي وڌو ۽ ان وقت جي جلسن ۽ ڪاليج جي پروگرامن جو مور هوندو هو. ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو. هند توڙي سنڌ ۾ هن زندگيءَ جا ذري گهٽ 50 سال پروفيسريءَ ۾ گذاريا، نہ رڳو بي. اي ۽ ايم. اي جي شاگردن کي پڙهايائين، پر ڪيترن ئي اديبن ۽ شاگردن سندس رهنمائيءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي.
ورهاڱي کانپوءِ ھندستان لڏي ويو جتي هن ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي گهڻ گهُرن سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ زنده رکڻ ۽ اتان جي آئين ۾ مڃتا ڏيارڻ لاءِ پنجاهہ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن تحريڪ هلائي تہ ان ۾ رام پنجواڻيءَ جو مکيہ ڪردار هو. هن مھاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نھروءَ جي آڏو ڳائي داد حاصل ڪيو، پر جڏهن اندرا گانڌي وزيراعظم هئي تہ ان جي آڏو بہ نہ رڳو ڳائي داد حاصل ڪيائين، پر ڳائيندي ڳائيندي کيس گذارش ڪيائين تہ سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي آئين ۾ مڃتا ڏني وڃي. رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالھي، اي. جي. اُتم، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن راهي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ ٻين بزرگن ۽ نوجوانن جي جدوجھد سان سنڌي زبان کي 10 اپريل 1967ع تي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊول تي قومي زبان طور تسليم ڪيو ويو. 
 رام پنجواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار ۽ نقاد رهيو. هن ادب جي مٿين صنفن ۾ لکي پاڻ کي سنڌي ادب جي اعليٰ ليکڪ طور مڃايو. هو گهڻ رخي شخصيت هو ۽ سندس هر رخ مڪمل هو.  ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر رام پنجواڻي بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. جئہ هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ سندس خدمتون وسارڻ جھڙيون نہ آهن. هن ادب جي مختلف صنفن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان اهم آهن:

نـاول: (1) قيـدي (1943ع)، (2) شرميـلا (1944ع)، (3) لطيفا (1945ع)، (4) اسان جو گهر (1946ع)، (5) چانديءَ جو چمڪو (1947ع)، (6) زندگي يا موت (1952ع)، (7) آهي نہ آهي (1955ع)، (8) شل ڌيئر نہ ڄمن (1957ع). 
ڪھاڻيون: (1) انوکا آزمودا، (2) وچتر واقعا، (3) تنھنجا منھنجا تجربا (1976ع).
ناٽڪ: (1) نئون زمانو  (2) طنزيہ ناٽڪ ”سماج سيوَڪ“ (3) شاهہ جي ستن سورمين تي آڌارڪ 7 ناٽڪ
مضمون: (1) سِپون، (2) يادگيريون، ۽ (3) ادبي گلشن.

هن سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ تي مشتمل ڪيترا انتخاب (Authologies) ڇپرايون، جن ۾:
(1) سنڌي شعر جو انتخاب 1947ع تائين، (2) چونڊ ڪلام، (3) سنڌ جي سوکڙي، (4) سڪ جي سوغات، (5) چونڪيءَ جا گيت.
ترجما: هن ٻين ٻولين مان بہ ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا، جھڙوڪ:
(1) پـدما (هال ڪينس جي مشھور ناول 'The Eternal City' جو ترجمو، (2) دوست ڪيئن ڪجن (ڊيل ڪارينگيءَ جي ڪتاب 'How to Win Friends' جو ترجمو، (3) دليون ڪيئن کينچجن 'Influence People' جو ترجمو، ۽ (4) ياد ڪندا، گجراتي ناول جو ترجمو.

هن سنڌي فلمون ”جهولي لال“ ۽ ”هو جمالو“ ٺاهيون. کيس ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ”سنڌو رتن اوارڊ“، ”ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي اوارڊ“، ”ساهتيہ اڪيڊمي اوارڊ“، ”پدماشري اوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ مڃتائون مليون. سندس ڳايل ڪلامن ۽ ڀڄنن جو ڪئسٽون بہ جاري ٿيون. رام پنجواڻيءَ زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ بمبئيءَ ۾ ”سيتا سنڌو ڀوَن“ قائم ڪيو، جيڪو سنڌيت ۽ سنڌي تھذيب جو وڏو ڪلچرل مرڪز آهي.. پروفيسر رام پنجواڻي جي رهائش ماهيم، ممبئي ۾ هئي. جتي 1987ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image