شاعر ۽ ليکڪ ’وفا‘ مولا بخش جو پورو نالو مولا بخش ولد گل محمد قمبراڻي آهي. ھو 18 جون 1980ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ ڀينڊي شريف ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان موري منگر مان پاس ڪيائين. بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين.
وفا مولا بخش لکڻ جي شروعات 1994ع کان ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالي کان ڪئي. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻارڙا ۽ ماهوار ’گلستان‘ ۾ مسلسل لکيائين. ٻارن لاءِ سندس شعر سنڌ جي سمورن ٻاراڻن رسالن سواءِ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي هفتيوار صفحن ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن. وفا مولا بخش ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالي جو سرڪيوليشن مئنيجر، ماهوار ’گلڙا‘ جو اسسٽنٽ ۽ جوائنٽ ايڊيٽر، ماهورا ’ادا سائينءَ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ’سنڌ سرهاڻ اخبار‘ جي بورڊ جو ميمبر ۽ روزاني هلچل اخبار جي ٻارڙن جي صفحي ’سرهاڻ‘ جو انچارج رهيو آهي. ٻارن لاءِ سندس خدمتن کي آڏو رکندي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن، دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد، سنڌي ادبي بورڊ، ٻالڪ ادبي فورم ، ماهوار ساٿي ۽ ماهوار نٽ کٽ پاران کيس مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن.
’وفا‘ مولا بخش ٻارن لاءِ ڪيترائي زبردست نظم ۽ گيت لکيا آهن. سندس ٻارن لاءِ لکيل شعرن جو مجموعو ’پوپٽ رنگ رنگيلا‘ سال 2013ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو. ان کان سواءِ وفا مولا بخش جا ٻارن لاءِ شعر، سنڌي اخبارن جي هفتيوار ٻارن جي صفحن ۽ ٻارن جي ماهوار رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هو ٻارن جي رسالن ’گلڙا‘، ’سنڌي ٻارڙا‘، ’ادا سائين‘ ۽ ٻين جي ايڊيٽوريل بورڊن تي رهيو آهي. سندس ترجمو ٿيل ڪھاڻين جو مجموعو ’منزل‘ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن تہ سندس ترجمو ٿيل ناول ’ڌماڪو‘ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن ۾ شايع ٿيو.
وفا مولا بخش سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ريسرچ فيلو ۽ پبليڪيشن اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو ۽ ھن وقت تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرارآھي. وفا مولا بخش جا ڪيترائي نظم پي ٽي وي جي ٻارڙن جي پروگرام روشن تارا ۾ پڻ مختلف فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي نشر ٿي چڪا آھن. سندس ھڪ نعت سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي سنڌي ٻئين ڪلاس جي ڪتاب ۾ پڻ شامل ڪئي وئي آھي. سندس ٻاراڻي شاعري ملڪ کان ٻاھر بہ سنڌي ٻاراڻن رسالن ۾ ڇپجندي رھي ٿي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي وفا مولا بخش جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن