محمد موسيٰ ڀٽو
مشھور مذهبي عالم ۽ اديب حافظ محمد موسيٰ ڀٽو، آگسٽ 1951ع ۾ جندي ديري،ضلعي شڪارپور ۾ محمد عيسيٰ ڀٽو جي گهر ۾ ڄائو. هيءُ حافظ قرآن هئڻ سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. شروع ۾ صحافت سان لاڳاپيل ھو ۽ ھفتيوار تڪبير ۽ جسارت سان لاڳاپو ھيس ۽ اردوءَ جو سٺو ڪالم نگار ھو. پاڻ ’باب الاسلام پبليڪيشن حيدرآباد‘ جو صدر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت ’سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ‘ جو باني ۽ نگران آهي. ان کان سواءِ سندس ادارت ۾ ماهوار ’بيداري‘ رسالو هڪ وڏي عرصي کان نڪرندو رهي ٿو، جنهن ۾ هُو پنهنجي مسلڪ جو فڪري پرچار ڪندو رهي ٿو.
پاڻ سنڌ ۾ وڌندڙ لادينيت ۽ مذهب بيزار لاڙي خلاف ڀرپور علمي محاذ وڙهيا. ان مقصد خاطر سنڌ جي آزاد خيال اديبن ۽ شاعرن سان خط و ڪتابت شروع ڪيائون ۽ اسلام ڏانھن واپس اچڻ جي دعوت ڏنائون. سندس ڪوششن سان سنڌ جي عظيم ۽ نامياري شاعر شيخ اياز لادينيت کي خيرباد چئي واپس اسلام طرف آيو. سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جي جواب ۾ ڪتاب ”جيڪي ڏٺو آه مون“ لکيائون. ان کان سواء بہ پاڻ مختلف زبانن ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪيائون. حافظ موسىٰ ڀٽو صاحب حيدرآباد جا رهاڪو آهن. شروع ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي ڪم ڪيائون، پر بعد ۾ سياست کي ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪيائون. ۔
حافظ صاحب جو گھڻو ڪم سنڌي ٻوليَ ۾ ٿيل آھي. پاڻ سنڌي توڻي ٻين زبانن ۾ جملي 200 ڪتاب لکيا آھن. جن مان ڪجهہ ڪتاب ھيٺيان آھن؛
• اصلاح نفس کا لائحہ عمل
• معاشرے کی اسلامی تشکيل نو اور تصوف و احسان
• عرفان لطيف
• شاه عبداللطيف بهڻائی کا پيغام جديد انسان کے نام
• سنده کے اکابر بزرگ شاعر اور انـکے کلام کی تشريح
• بزرگان دين کی تعليمات
• تعلیمات مجدد الف ثانی
• کچه دير مولانا رومی کی معيت ميں
• تصوف و اہل تصوف- سلف اور خلق کی نظر ميں
• اسلامی فکر، بيسويں صدی ميں
• برصغير ہند کی اسلاميت کی ممتاز شارح
• عصر حاضر کی شخصيتيں ميری نظر میں
• برصغير ہند کی بعض علمی شخصيتيں، اپنی فکر و کردار کے آئينے ميں
• صدائے محبت
• پرينءَ جي پچار (ٽي حصا)
• جـديـد سـنڌ ۽ ان جا مسئلا
• خدا، اسلام ۽ جديد سائنس
• مذهب ۽ سائنس
• سنڌ ۾ بي چينيءَ جا أسباب
• مِٽ نہ ٿيا مئيءَ جا
• اسلام جو معاشي نظام
• روشني ڏانهن سفر
• جيڪي ڏٺو آھي مون
• شيخ اياز جي زندگي جا آخري ڏھ سال
• شرح شاھ جو رسالو
ان کان سواء پاڻ "انجمن فڪر و نظر سنڌ" نالي ھڪ علمي اداري جا باني ۽ ماھوار بيداري رسالي جا ايڊيٽر بہ آھن.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل