حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي
حافظ محمد اسلم مھيسر (اسلم) رفيقوي 1890ع حافظن جي ماڙي ۾ سندس والد گرامي حافظ جان محمد مھيسر جي گهر ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ جنم ورتو. حافظ جان محمد مھيسر خيرپور جي مير صاحبن جو استاد ۽ سندن حڪومت ۾ خاص معاون طور ڪم ڪيو. حافظ محمد اسلم مھيسر شروعاتي تعليم قرآن شريق پڙهڻ وغيرھ ٺيڙهي جي مشھور مدرسي دارلھدا ۾ حاصل ڪيائين بعد ۾ پنھنجي والد محترم حافظ جان محمد مھيسر وٽ قرآن شريف حفظ ڪيائون ۽ پڳ ٻڌائون. ان کان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشھور عالم دين حضرت علامہ ميان غلام محمد مھيسر رحہ جي مدرسي درگاھ ڪمال ديرو شريف ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالم دين بڻيا. حافظ محمد اسلم مھيسر ننڍپڻ کان ئي عشق جي رمز ۾ ٽمٽار رهيا. عشق مجاز جي ڏاڪڻ پار ڪري عشق حقيقت جي منزل ماڻيائون، جو جڏهن ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڇا وار اچي ويا تہ بي ساختہ چئي ڏنائون • دل صفا ۽ من صفا قول محمد مصطفي لک شڪر حق پاڪ جو وار ڀي ٿي ويا اڇا
بارگاھ يزلي ۾ پنھنجي عشق جو اظھار ھيئن ڪيواٿن. • احد ۽ نہ احمد ۾ آھي جدائي • خدا جي محمد ۾ جلوہ نمائي • ٿيو نام روشن خدا جو تڏهن کان • ملي مصطفيٰ کي جڏهن مصطفائي. شاعرئ سان گڏ پنھنجي روز مرہ جي معمولات کي ڏهن ڊائرين ۾ قلمبند ڪيو اٿن. ان کان علاھ ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ ڄم ۽ موت جو رڪارڊ ۽ موت جو سبب بہ لکيو اٿس جيڪو ھڪ ڪتابي صورت ۾ موجود آھي. ان کان علاھ پنھنجي دل گهرين دوستن پروفيسر عطا محمد (حامي)، رشيد احمد لاشاري، غلام نبي (اداسي) بلوچ، غلام علي (گوھر) حسين آبادي سان گڏجي ھڪ پارٽي جو جنم وڌائون جنھن جو نالو پريم پارٽي رکيائون جنھن جو صرف ۽ صرف مقصد اھو ھيو تہ محبتون وڌايو نفرتون ختم ڪيو، جيئن حامي صاحب چيو آھي:
ڪائنات ۾ ڪنھن سان بہ ڪلفت نہ ٿا رکون، محبت اسان جو مذھب آھي خدا گواھ.
حامي صاحب جي ان شعر کي عملي جامو حافظ صاحب ئي پھرايو جو پاڻ محبت جي ان ميدان کي ملھائڻ لاءِ سنڌ جي عاشقن ۽ معشوقن جي سروي ڪري ھڪ رڪارڊ قائم ڪيو ۽ ان ۾ 2200 پريم ننگر جي اڃايل کي ع ق ۽ م ق عاشق مزاج ۽ معشوق مزاج لکي درج ڪري پنھنجي عشق جو مظاھرو ڪيو آھي، جيڪو شايد سنڌ جي ڪنھن اديب ڪيو ھجي. پاڻ سنڌ جميعت الشعراءِ سنڌ جا بنيادي ميمبر ھيا. سندن شاعري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ڪافيون طالب المولي درناياب اديب سنڌ رسالو تقاضا ۽ ٻين ڪيترن ئي ادبي ڪتابن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھي. سندن شاعريءَ جو ڪتاب (ڪثرت عشق ديدہ حق) ۽ رسالو (عاشقن جو سينگار) بزم اسلم ادبي سنگت طرفان ڇپايل آھي. سندن دوستن جو حلقو تمام وسيع ھيو، شاعريءَ جي ميدان ۾ سندن حلقي ۾ عطا محمد حامي صاحب، رشيد لاشاري، حافظ محمد احسن چنا، پير علي شاھ لڪياري، پير اسد ﷲ شاھ راشدي، ولايت شاھ جيلاني، اميد خيرپوري، غلام علي گوھر حسين آبادي، استاد الھ بخش زيبا ھيسباڻي، عبد عاقلي، غلام نبي اداسي بلوچ، نياز لاڙڪاڻي، فدا شھدادڪوٽائي، قاضي عبدالحئي قائل رتو ديرو، رئيس رضا محمد رضا مھيسر ميھڙائي، محمد عمر مڱريو، فقير غازي محمد راز سيال، غلام قادر صوفي گمبٽ، محمد خان غريب لاڙڪ ۽ ڪيترائي ٻيا شامل آھن. سنڌ جو ھي ناميارو صوفي شاعر 4 مارچ 1964ع تي ھميشہ لاءِ موڪلائي ويو. سندس آخري آرام گاھ خيرپور ضلعي جي مشھور قبرستان حضرت شيخ طيب جي قبرستان ۾ آھي
- ورسي: 1964-03-04
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل