محمد خان سيال
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ سفرنامن جو ليکڪ، محمد خان سيال ولد محمد بخش سيال، پھرين اپريل 1949ع ۾ ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهہ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ ان بعد نوابشاهہ شھر ۾ ايڇ. ايم. خوجا صاحب جي رهنمائيءَ ۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول، نوابشاهہ مان 1965ع ۾ مئٽرڪ سائنس ڪيائين. ان دوران سنڌي فائنل جو امتحان، اليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائينگ جا امتحان به ڏنائين. 1967ع ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽرميڊئٽ آرٽس گڏيل امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ کيس ٻن ورهين لاءِ اسڪالرشپ بہ ملي. بي اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان ڪيائين. اڳتي هلي ايل. ايل. بي، ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ ايم. اي (انٽرنيشنل رليشنس) جا امتحان ڏنائين. نومبر 1968ع ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني ڪارڪن بڻيو، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مارچ 1970ع ۾ ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ نيوز ٽرانسليٽر مقرر ٿيو. مئي 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي (شھيد) ڪراچيءَ مان روزاني هلال پاڪستان جاري ڪئي تہ ان ۾ سب ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايائين، انھيءَ دوران پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي سنڌي نيوز ۾ ٽرانسليٽر طور بہ ڪم ڪيائين. هڪ ئي وقت ۾ ٻہ ٽي نوڪريون ڪندو رهيو. 1977ع ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (P.I.A) ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو. 1995ع ۾ مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿيو، ان بعد ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پيسينجر سيلز مئنيجر ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر بھاولپور ٿيو، جنهن بعد 2005ع ۾ ڪنٽري مئنيجر افغانستان طور ڪابل ۾ انتھائي ڏُکين حالتن ۾ ڪم ڪيائين. پهرين جنوري 2007ع تي هڪ پيڪيج هيٺ پي. آءِ. اي مان ريٽائر ٿيو. محمد خان سيال لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول جي تعليم دوران روزاني ’مهراڻ‘ ڪراچيءَ جي ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ سان ڪئي. 1967ع ۾ مختلف اخبارن جو نوابشاهہ لاءِ نمائندو رهيو ۽ سندس ڪالم، مضمون، تبصرا وغيرہ ڇپبا رهيا. سندس پھرين ڪھاڻي ’بيوقوف‘ نواءِ انقلاب سکر ۾ 1968ع ۾ ڇپي. ڪاليج مخرن ’سرمست‘ جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر بہ رهيو. محمد خان سيال جو صحافت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. روزاني ھلال پاڪستان ۾ سراج الحق ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ جن صحافين اردو اثر کان پاڪ سنڌيءَ کي فروغ ڏنو، تن ۾ محمد خان سيال بہ هو. هن سنڌ جي قومي مسئلن تي مختلف انگريزي اخبارن ۾ هزار کان مٿي خط ۽ ليک لکيا آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي زندگي ثقافتي سرگرمين بابت سنڌي ميڊيا ۾ ڪيترا مضمون لکيائين. اٺن سنڌي اخبارن ۾ هڪ ئي وقت نوجوانن بابت چئن سالن تائين مُفت ’روزگار سروس‘ ۽ ’تعليمي سروس ذريعي‘ معلومات فراهم ڪندو رهيو. هن انگريزيءَ ۾ آن لائين نيوز ويڪلي ’سنڌ ٽُو ڊيَ‘ 2001ع ۾ جاري ڪئي جنھن تي جنرل مشرف جي دور ۾، 2006ع ۾ بندش پئي. هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ جھڙوڪ: آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا، نيڌرلينڊ، فرانس، جرمني، سئٽزلينڊ، هندستان، بنگلاديش، سنگاپور، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، فلپائين، جپان، هانگ ڪانگ، ڪينيا، سعودي عرب، دبئي، ابوظھبي، مصر، سري لنڪا وغيرہ گهميا آهن ۽ ڪيترين عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي آهي، جن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سانا ۽ مارئي سنسٿا دهلي شامل آهن. هن ڪيترن اهم سنڌي شخصيتن پروفيسر رام پنجواڻي، ماسٽر چندر، مهيش چندر، رام بخشاڻي، ڊاڪٽر اي ڪيو بروهي ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ جا يادگار انٽرويو بہ ڪيا آهن. محمد خان سيال جي ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) چڻنگ (ترتيب)، (2) سرحد جي هُن پار (هندوستاني اديبن جون ڪھاڻيون، (ترتيب: 1973ع)، نئون ابن بطوطا (سفرنامو: 1980ع)، نيري آسمان هيٺان (سفرنامو: 1981ع)، ارائونڊ دي ورلڊ (سفرنامو: 1998ع) آمريڪا: نئين دنيا، نئون ديس (سفرنامو: 2000ع) آهي.
سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ آتم ڪٿا، ساروڻيون، ڪالمن جا ڪتاب ’ڪالھہ، اڄ ۽ سڀاڻي‘، ۽ ’ڪونجون ٿيون ڪڻڪن‘ شامل آهن. محمد خان سيال کي چئن پُٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي، هِن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ صحافتي دنيا سان وابستہ آهي.
- جنم: 1949-04-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل