ڊاڪٽر سرلا ديوي

ناليواري شاعرہ  ۽ سماجي خدمتگار ڊاڪٽر سرلا ديوي 9 اپريل 1915ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري جي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. هن ميڊيڪل ۾ ايل. ايس. ايم. ايف جي ڊگري امرتسر مان حاصل ڪئي ۽ 1938ع ۾ رتيديري شھر جي ميونسپل اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ٿي، جتي عام ماڻھن جي طبي خدمت ۾ وسان ڪونہ گهٽايائين. هيءَ آڌي رات بہ حاجتمند، بيمار ماڻھن جو علاج مفت ۾ ڪرڻ لاءِ هلي ويندي هئي، سندس شخصيت ۾ عام ڀلائي ۽ انساني ڀلائي وارو گڻ نمايان هو. سندس شادي سنڌي ادب جي نامور ليکڪ ديوان امرت راءِ جئسنگهاڻي ’سام‘ سان ٿي. ديوان امرت پھرين بہ پرڻيل هو ۽ هندومت جي رسم موجب ٻن شادين جي قطعي منع هئڻ باوجود هنن مذهبي رسمن کان بالاتر ٿي بہ پريت جي ريت نڀائي. هن سندس ور ديوان ’سام‘ سان ادبي، سماجي سرگرمين ۾ هٿ ونڊائڻ سميت خود بہ شاعري ڪئي. هن ”اڪبر آشرم پبليڪيشن“ نالي پبليڪيشن جو ادارو قائم ڪيو ۽ هندو-مسلم ايڪتا واري پيغام کي خوب پکيڙڻ جي ڪوشش ڪيائين. 1947ع کان پوءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي باعث جيئن سنڌي هندن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، اڪثر هندن لڏپلاڻ ڪئي، تڏهن ديوان ’سام‘ پنھنجي اڳوڻي گهر واري ۽ خاندان کي هندستان ڏانھن موڪليو پر هن سنڌ جي محب وطن نياڻيءَ سنڌ ڇڏڻ کان قطعي نابري واري ۽ رتيديري شھر ويجهو ڳوٺ طيب لورڙ ۾ هنن ٻنھي زال مڙس پنھنجو مسڪن بڻايو. 1950ع ۾ گهاڙ واهہ جي ڀر ۾ قائم ڳوٺ ۾ قائم ميونسپالٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿي، ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ طبي سھولتن جي نہ ھئڻ سبب اڪثر ڏورانھين ھنڌن جون عورتون ۽ مريض کانئس علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا ھئا، سندس والھانہ خدمتن عيوض ميونسپل اسپتال جو نالو ’سرلا ديوي‘ نالي سان زبان زد ٿي ويو. ھن ديوان سام سان گڏ جيتامڙي جي ڊائري نالي ڪتاب لکيائين، جيڪو شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب ’سام سان بہ گهڙيون‘ 1965ع ۾ آشرم پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. ھيءَ اڳتي ھلي ڳائڻ ۽ ھارمونيم وڄائڻ بہ سکي. (هاڻوڪي ايم. زيد اسپتال ڊي. سي ھاءِ اسڪول) واري عمارت جي مٿئين طبقي تي سندس رهائش ھوندي ھئي، جتي ھر ھفتي صوفياڻي راڳ جي محفلن جو اھتمام ڪندي ھئي. ھن پاڻ بہ گهڻو ڳايو، جنھن جا رڪارڊ بہ محفوظ ڪيائين، پر سندس وفات بعد اھي ضايع ٿي ويا. ھن مرندي گهڙي تائين وطن نہ ڇڏيو ۽ سنڌ ۾ رهندي، 11 فيبروري 1975ع تي ديھانت ڪري وئي.

  • جنم: 1915-04-09
  • ورسي: 1975-02-11
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image