بھادر ٽالپر

ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار بھادر ٽالپر جو اصل نانءُ بھادر خان ولد مير مبارڪ خان ٽالپر (شاعر)آھي. بھادر ٽالپر جو جنم  02 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي تعلقو ماتلي ضلعو بدين ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم.اي سنڌي ادب ۾ آھي. لکڻ جي شروعات فيبروري 1994ع کان رسالي "ڪينجهر" ۾ ڪھاڻي شايع ٿيڻ سان ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪھاڻيڪار ، مضمون-نگار طور آھي. پاڻ 1994ع کان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ميمبر آھي. پنھنجي ڳوٺ ۾ 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي ۽ ان جو باني سيڪريٽري ٿيو. سنگت سنڌ پاران مختلف وقتن تي کيس اعزاز ۽ سندون ملنديون رھيون آھن. سنگت شاخ ڇتو ماندراڻي جي پرچي ڪائنات پبليڪيشن جو 2005ع کان 2011ع تائين اعزازي ايڊيٽر رھيو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي بدين جو 2010ع کان 2013ع تائين ضلعا رابطا سيڪريٽري رھيو آھي. 2006ع ۾ ڳوٺ اندر نوجوانن لاءِ پنھنجي والد شاعر مير مبارڪ ٽالپر جي نانءَ جي نسبت ۾ "مير مبارڪ ٽالپر آرٽ ۽ ڪلچرل ڪلب" قائم ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ھيٺيان ڪتاب شامل آھن.
1.    "سرواڻ سويري ويا" شاعري: مير مبارڪ ٽالپر مرتب: بھادر ٽالپر 1997ع، ڇپائيندڙ: "س.ا.س ڇتو ماندراڻي". 
2.    "زندگيءَ جو رستو" ڪھاڻيون: بھادر ٽالپر 2008ع، ڇپائيندڙ: "نيو ڊمي پبليڪيشن حيدرآباد". 
3.    "سنگت بدين ضلعي جي شاخن جو تاريخي پس منظر"، محقق/ليکڪ: بھادر ٽالپر 2012ع، ڇپائيندڙ: "سنڌي ادبي سنگت ضلعو بدين". 
4.    "عاشق اُداسي جِندڙو"، شاعري: مير مبارڪ ٽالپر مرتب: بھادر ٽالپر 2014ع، ڇپائيندڙ: "مير مبارڪ ٽالپر آرٽ ۽ ڪلچرل ڪلب". 
5.    "سوچن جي سانوڻيءَ ۾" ڪھاڻيون: بھادر ٽالپر 2015ع، ڇپائيندڙ: "سنڌي ساھت گهر حيدرآباد"
 

  • جنم: 1966-07-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image