عبدالستار لغاري

نالو: عبدالستار لغاري 
والد جو نالو: حاجي محمد يونس لغاري
ڄمڻ جي تاريخ: 8 آگسٽ 1991ع 
ڄمڻ جو ھنڌ: ڳوٺ امير بخش لغاري لڳ گلاب لغاري، تعلقو ماتلي، ضلعو بدين. 
تعليم: ايم اي سنڌي ادب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. 
تجربو: روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ ھڪ سال پروف ريڊر ۽ روزاني عبرت حيدرآباد ۾ بہ سب ايڊيٽر طور ھڪ سال ڪم ڪيو، انکاسواء سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي انتظام ھيٺ ھلندڙ پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي ۾ 6 سال 2016ع کان 2022ع تائين سنڌي سبجيڪٽ پڙهايو. 
ڪرت: استاد، (ايس ايس سنڌي) گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول گلاب لغاري.

ڇپيل ڪتاب:
1-قائداعظم ۽ پاڪستان (ترجمو) 2021ع ۾ پبلڪ اسڪول گڏاپ طرفان شايع ڪرايو ويو.
2-وقت جو يوسف دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا (ترجمو) 2022ع امرتا پبلڪيشن حيدرآباد.
3-نانگا ناٿ نچائي ويا صوفي عيسيٰ فقير لغاري جو ڪلام (مرتب ڪيل) 2024 ۾ عيسيٰ فقير يادگار ڪميٽي گلاب لغاري پاران شايع ٿيو.
4-دردر جا ڌڪا ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا (ترجمو) 2024 سنڌي ساھت گهر حيدرآباد.

اڻڇپيل ڪتاب
1- تھذيب جي ڪھاڻي تاريخ (ترجمو)
2- ابتو وڻ ناول (ترجمو)
3- جهنگ جي ڪھاڻي ناول (ترجمو) 
4- مان ساحر آھيان، ساحر لڌيانوي جي جيون ڪٿا (ترجمو)
5-۽ پو ھڪ ڏينھن، نصير الدين شاھ جي آتم ڪٿا (ترجمو)
6- ھو جي ويا ھليا ڏاڏا سائين حاجي الھ بخش لغاري کي ڏنل ڀيٽا

انکانسواء عالمي شخصيتن تي لکيل مضمونن جا ترجما ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل طبعزاد مضمونن جو تعدا 200 کان مٿي آھي.

 

  • جنم: 1991-08-08
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب