ڪفايت گل
شاعر، ڪالم نگار، صحافي، فنڪار ۽ سماج سڌارڪ "ڪفايت گل" جو پورو نالو ڪفايت الله ولد امير بخش رخشاڻي بلوچ آھي. پاڻ 2 آگسٽ 1978ع تي لطيف ڪالوني خيرپور ۾ پيدا ٿيو. تعليم خيرپور ۾ ورتائين. ان بعد لوھارڪي ڌنڌي ۾ لڳي ويو. شروع شروع ۾ ھو ڪيسيٽي ڪلچر واري شاعرن ۾ شامل ٿيو، جنھن ۾ پڻ نالو ڪمايائين ۽ ان بعد حزب ﷲ سومري جي ساٿ ۾ اچي علم دوست ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو ۽ ان جو پريس سيڪريٽري پڻ ٿيو. ادب ۽ صحافت ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنائين. رسالو ”چنگ“ ڪڍيائين ۽ ھاڻي چنگ ۽ عين عبادت اخبارن جو ايڊيٽر آھي. ارشاد جاگيراڻيء سميت ڪيترن علم دوستن جي ادب ۽ صحافت ۾ رهنما ئي ڪندو رهيو آھي. شعر و شاعريء ۾ سندس ڪيتري شاعري اڻ ڇپيل آھي. سچل تي بيتن جو ھڪ ڪتاب بہ لکيو اٿس. سنہ 2012ع ۾ سندس اخباري رپورٽن تي مشتمل ڪتاب "گل جو خواب" علم دوست ادبي سنگت سنڌ پاران ڇپيو. 1999ع ۾ علم دوست ادبي سنگت پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ کان سواء نظر لاکائي يادگار ڪميٽيء پاران 2011ع ۾ بھترين صحافي ۽ ٻيا ايوارڊ مليا اٿس. ڪفايت گل شاعر، اديب ۽ صحافي ھجڻ سان گڏ سماج سڌارڪ پڻ آھي.
- جنم: 1978-08-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل