صوفي دلپت راءِ
سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ويدانتي ڪڙيءَ جي مشھور ويدانتي شاعر، صوفي دلپت راءِ جو جنم سنڌ جي قديم شھر سيوھڻ ۾، ناواڻي آڪھہ ۾، 1769ع ڌاري ٿيو. سندس اصل نالو ڀائي دلپترام ھو. ھن سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم سيوھڻ مان حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مير صاحبن وٽ ڪاردار مقرر ٿيو ۽ ملازمت نھايت سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪيائين. اھو ئي سبب آھي جو مير صاحب سندس تمام گهڻي عزت ڪندا ھئا. سيوھڻ ۾ قلندر لعل شھباز جي درگاھ تي دنيا جي ڪيترن ملڪن کان عقيدت مند، صوفي فقير ۽ درويش ايندا رهندا ھئا، اُتي صوفي دلپت جون صوفين ۽ سنتن سان روح رهاڻيون ٿينديون رهنديون ھيون.
اھڙيءَ ريت ھو دنياداريءَ کان دور ٿي فقيريءَ طرف مائل ٿيو. ھڪ ڀيري ڪنھن کيس ٻڌايو تہ صوفي فقير ڀائي آسرداس بوبڪ وارو آيل آھي. ھو سڌو وڃي فقير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. بروقت ملازمت تان استعيفا لکي، ڪوٽار ھٿان مير صاحبن کي موڪلي ڏنائين. صوفي دلپت جو قد ڊگهو ۽ اکيون وڏيون ھيون، جيڪي سدائين لال رهنديون ھيون. سھڻي صورت وارو جوان ھو ۽ سندس چھرو رعبدار ھو. اڪثر کٽ تي ويٺل ھوندو ھو ۽ سندس ڀر ۾ ترار پئي ھوندي ھئي. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي صوفي دلپت جي شخصيت بابت لکيو آھي تہ: ”ڀائي دلپت رام صوفي اصل سيوھاڻي آھي، پر پوءِ حيدرآباد ۾ وڃي رهيو. ان وقت جي حاڪمن يعني ميرن وٽ گهڻي عزت ھوندي ھئس. پاڻ بہ وڏي ڏيا ۽ حيثيت وارو انسان ھو. ڪنھن کي بہ سندس روبرو اجائي گفتگو ڪرڻ جي ھمت نہ ٿيندي ھئي. بي پرواھ بہ ھڪڙو ھو، جي پنھنجي من موج ۾ ھوندو ھو تہ ڪنھن ڏي اک کڻي بہ نہ نھاريندو ھو. توڪلي بہ اھڙو ھوندو ھو، جو سج لٿي کانپوءِ کاڌي پيتي جا ٿانوَ ۽ مٽ دلا اونڌا ڪري ڇڏيندو ھو. صوفي دلپت جو ستگرو ڀائي آسرداس جيئن تہ جهوڪ شريف واري درگاھ جو مريد ھو، تنھنڪري ھو بہ اڪثر جهوڪ شريف ويندو رهندو ھو. ڪڏهن ڪڏهن سانگهڙ پاسي ڪبير جي کوھ تي سائين فضل الله جي صحبت ۾ رهندو ھو. سندس چار ٻالڪا ھئا، جن جا نالا ھن ريت آھن: ڀائي ڪيشورام، ڀائي کيمچند ڪرپالاڻي، ڀائي ڀوڄنداس ۽ ڀائي گنگارام جهانگارن وارو، پر انھن مڙنيءَ ۾ کيس ڀائي ڪيشورام وڌيڪ پيارو ھوندو ھو. تنھنڪري پنھنجي گادي، گهر واري جاءِ ۽ ٽِڪاڻو (مندر) ان جي حوالي ڪيائين. درد سوز وارو فقير ھو. سندس اڳيان ٻئي ڪنھن کي سوز ۽ درد وارو ڪلام چوڻ جي اجازت نہ ھئي.“
دلپت، سچل، بيدل ۽ ساميءَ جو ھمعصر ھو، پر ويدانتي شاعريءَ جي حوالي سان ساميءَ جي جوڙ جو ھو. دلپت جي ڪلام ۾ ھيڪڙائي ۽ نصيحت جا نُڪتا ۽ اخلاقي سبق سمايل آھن ۽ ساميءَ وانگر ممتا مارڻ تي زور ڏنل آھي. ورھاڱي کان اڳ دلپت صوفيءَ جو چونڊ ڪلام نصاب ۾ شامل ھوندو ھو. اھڙن ڪتابن ۾ نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو چونڊ نظم ۽ نثر وارو ڪتاب ’ادبي گلشن‘ 1945ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو ھو. ان کان اڳ 1943ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي تيار ڪيل ڪتاب ’ادبي گلشن‘ جو ٻيو ڇاپو. ڪجھه اختصار سان شايع ٿيو ھو. ان کان سواءِ ورھاڱي کان اڳ ڪرائون سائيز ۾ ’دلپت صوفيءَ جو ڪلام‘ ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ ڇپايو ھو، 1959ع ۾ ’سڪ جي سوغات‘ (سنتن جو سنيھو) نالي ھڪ ڪتاب پروفيسر رام پنجواڻيءَ بمبئيءَ مان ڇپرايو ھو. جنھن ۾ الف بي وار صوفي سنتن جو ڪلام ڏنل آھي. جنھن ۾ ص 183 کان ص 188 تائين دلپت جون اٺ ڪافيون شامل آھن. مشھور اديب لطف الله بدويءَ ’تذڪرہ لطفي‘ جي جلد ٻئي ۾ دلپت جي مختصر سوانح حيات ۽ ڪلام جو نمونو بہ ڏنو آھي.
صوفي دلپت سنڌي سرائڪي، ھندي توڙي فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي ۽ کيس مٿين مڙئي زبانن تي ملڪو حاصل آھي. ھن کي روحل، ساميءَ کان پوءِ سنڌي ويدانتي شاعريءَ ۾ ٽئين نمبر وڏي شاعر جو درجو حاصل آھي. ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ ڪراچي مخزن ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جو حوالو ڏيندي ڄاڻائي ٿو: ’فارسي جو پرگو شاعر ھو، سندس مثنوي ’جنگ نامه‘ جو ھڪ نسخو راءِ بهادر ڏيارام جي ڪتبخاني ۾ موجود ھو.‘
دلپت صوفيءَ جي شاعريءَ جا ماضيءَ ۾ ٻہ ڪتاب ڇپيل نظر اچن ٿا: (1) صوفي دلپت رام جا سنڌي سلوڪ (مرتب: پروفيسر مولچند ٺڪر: 1938ع)، (2) ديوان دلپت (گدو مل ھرجاڻي: 1956ع). انھن ڪتابن کي آڏو رکي ھند ۾ سنڌيءَ جي مشھور شاعر گوپال ٺڪر، 2009ع ۾ دلپت صوفيءَ جو مڪمل ڪلام ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘ جي عنوان سان ڇپايو آھي، جنھن ۾ سندس اڻلڀ 9 ڪافيون بہ شامل آھن. ھن 80 ورهين جي ڄمار ۾ 1849ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس آستانو حيدرآباد، سنڌ ۾ آھي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل