مھتاب اڪبر راشدي
سنڌ جي ناليواري ليکڪ، ڪمپيئر، تعليمدان ۽ سرڪاري عملدار مھتاب اڪبر راشديءَ جو اصل نالو بدرالنساءِ آھي. سندس جنم 14 آگسٽ 1947ع تي محمد عيسيٰ چنا جي گهر ۾ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد تعليم کاتي ۾ ملازم ھو ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو ھو، تنھنڪري سندس خاندان جو حيدرآباد ۾ رهڻ ٿيو. جتي ھن مئٽرڪ 1963ع ۾، بـي. اي 1967ع ۾، ايـم. اي (سياسيات: 1969ع ۾) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري 1971ع ۾ بي. ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران سندس شادي 1968ع ۾، راڄپر خاندان ۾ ٿي، پر قضا سان ڪجهہ ڏينھن اندر ئي سپر ھاءِ وي تي روڊ حادثي ۾ سندس گهر وارو گذاري ويو. ھن حادثي کان پوءِ بہ ھن ھمت نہ ھاري ۽ تعليم جو سلسلو ٻيھر شروع ڪيو. يونيورسٽي آف مانچسٽر، آمريڪا مان ايم. اي (سياست) 1978ع ۾ ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پھريان سينٽ ميريز ڪانوينٽ ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 1971ع ۾ استاد ۽ ان کانپوءِ 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار، 1977ع کان 1979ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي. آخر سال 1979ع کان 1980ع تائين چيئرپرسن ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي عھدي تي رهي. ان کانپوءِ گورنمينٽ ملازم جي حيثيت سان 1983ع کان 1985ع تائين ڊائريڪٽر يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن حيدرآباد ريجن، آگسٽ 1985ع کان سيپٽمبر 1988ع تائين ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، پوءِ ڊائريڪٽر لياقت نيشنل لئبرري ڪراچي ۽ 88-1989ع تائين سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڪجهہ وقت نئين محڪمي انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسيءَ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات رهي، 1997ع کان 1999ع تائين سيڪريٽري سوشل ويلفيئر حڪومت سنڌ، سيڪريٽري تعليم ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جنرل محتسب اعليٰ سنڌ جي عھدن تي ڪم ڪيائين. ان کانسواءِ ڪيترن قومي ۽ بين الاقوامي، تعليمي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي بورڊ يا گورننگ باڊيءَ جي ميمبر ۽ عھديدار بہ رهي چڪي آھي. ھوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) جي چيئرپرسن ۽ سگا (خواتين) شاخ ڪراچيءَ جي ٻہ ڀيرا صدر بہ رهي چڪي آھي.
مھتاب اڪبر راشدي، فن جي شعبي سان بہ گهڻو لاڳاپيل رهي آھي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 65-1967ع تائين بدر چنا جي نالي سان ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين. 74-1978ع تائين ريڊيو تي ڪمپيئر بہ رهي. پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي 74-1980ع تائين لڳاتار سنڌي اردو پروگرامن جي ڪمپيئر ۽ ميزبان طور ڪم ڪيائين. ٽي. ويءَ تي ضياءُالحق سرڪار پاران رئو پائڻ لاءِ مليل حڪم نہ مڃڻ تان کيس شھرت حاصل ٿي. مھتاب اڪبر راشدي ذاتي طرح توڙي سرڪاري حيثيت ۾ مختلف ڪورسن، ڪانفرنسن يا وفدن سان شرڪت جي سلسلي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، جن ۾: آمريڪا، ڪئناڊا، انگلنڊ، سنگاپور، فرانس، جاپان، چين، بئنڪاڪ، سريلنڪا، مالديپ، سعودي عرب، دبئي ۽ اٽلي شامل آھن.
ھن انگريزيءَ ۾ ھيٺيان ڪتاب لکيا آھن:
1. Mouzi Thoughts On Imperialism 2. Big Power On Four Japanese Islands 3. Mekawali’s Concept of Neutrality 4. Tashkent and Shimla Agreement: A Comparative Study 5. India Pakistan Relations.
مھتاب اڪبر راشديءَ جي شخصيت گهڻ پاسائين رهي آھي. ھوءَ ھڪ ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ ۽ ٽي وي ڪمپيئر، فني، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستہ رهي آھي. ھوءَ ذھانت ۽ تقرير جي فن سان گڏ اعليٰ شخصيت جي مالڪ آھي، ھيٺئين وچولي طبقي جي ھڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مھتاب، جنھن سماج ۾ پنھنجي لڳاتار محنت ۽ جدوجھد سان مڃتا ماڻي، پنھنجي لاءِ جڳھہ پيدا ڪري سنڌي نارين لاءِ مثال قائم ڪيو آھي. ھن 26 فيبروري 1981ع تي انجينئر سيد اڪبر حسين راشديءَ سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن: رافع ۽ صھيب جو اولاد آھي.
- جنم: 1947-08-14
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل