جيئل اوڏ

نامور محقق جيئل اوڏ ولد اُتم چند اوڏ پھرين جنوري 1944ع تي ڳوٺ شاھ پارو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم 1955ع ۾ پي. وي اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ 1962ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان بي. اي ۽ ايم. اي سنڌيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مـان حـاصـل ڪـئـي. ان کـان عـلاوہ بين الاقوامي تعلقات ۽ سوشيالاجي ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي پڻ ڪئي اٿائين. 1966ع کان هن لکڻ جي شروعات ڪئي. شروع کان وٺي تحقيق ۾ دلچسپي هئس، سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ماهوار نئين زندگي ۽ مھراڻ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. 1968ع ۾ فيملي پلاننگ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 2004ع ۾ ڊيمو گرافر جي عھدي تان رٽائر ڪيائين، جيئل اوڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيري، ضلعي لاڙڪاڻي سان سلھاڙيل رهيو آهي. جيئل اوڏ ائنٿراپالاجيءَ سان دلچسپي رکي ٿو، هن لاڙڪاڻي شھر، موهن جي دڙي کان علاوہ وڻن ٻوٽن جي انيڪ موضوعن تي جداگانہ تحقيق ڪري پنھنجو هڪ الڳ مقام حاصل آهي. سندس شايع ٿيل ڪتاب ”سنڌ شناسي“ 2010ع ۾ اتم پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ تحقيقي مضمون ۽ مقالا شامل آهن. سندس ٻيو ڪتاب " منھنجو لاڙڪاڻو" جو شمار تاريخ جي بھترين ڪتابن ۾ ٿئي ٿوم جيڪو 2020ع ۾ ڇپيو. جيئل اوڏ جي تاريخ نويسي دلبريءَ جھڙي حسين خيالن سان مالا مال آهي. ان لاءِ "سڄڻن جا ساريو سانگ" ڪتاب جو عڪس استاد محمد يوسف جي آواز جھڙو ئي انمول آهي، ھي ڪتاب 2023ع ۾ ڇپيو. سندس نئون ڪتاب  ”سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ“ 2025ع ۾ ڇپيو آھي. هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي

  • جنم: 1944-01-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب