علي دوست عاجز

نامياري شاعر ۽ نثر نگار علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست ولد محمد خان گانئچو آھي. سندس جنم 2 سيپٽمبر 1964ع تي فريدآباد، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ھن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1992ع ۾ ايم ايس سي (رياضي) ڪئي. ھي ڪجھہ وقت ثانوي اسڪول ۾ استاد رهيو. 1996ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينئر آڊيٽر مقرر ٿيو. 2008ع ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ 2013ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر سيلز ٽئڪس ٿيو. جنوري 2022ع کان ڪاسٽ اڪائونٽنٽ طور اِن لئنڊ روينيو ۾ خدمتون سراَنجام ڏئي رهيو آھي. ڪاڇي جي جاگرافيءَ بيھڪ ۽ جوھر بروھي صاحب جي صحبت کيس شاعريءَ لاءِ اُتساھيو. مئٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران ھن شاعري شروع ڪئي. دادو ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران استاد بخاريءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي اثر سبب سندس شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي استاد بخاريءَ جو رنگ چڙهڻ لڳو. ھن غزل، گيت، وائي، بيت، آزاد نظم، ترائيل ۽ ڏيڍ سٽِي جھڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خوشبو خوشبو خواب‘ (2000ع)، ’جھڙا تارا جرڪڻا‘ (ٻارن لاءِ شاعري: 2002ع)، ’اچن ڀنؤر ڀنڀوليا‘ (2003ع)، ’سوني باگو‘ (اوپيرا: 2004ع)، ’آديسي استاد (استاد بخاري ڏات ۽ ذات 2005ع)‘ ’رنگ رتو آڪاس‘ (2009ع)، ’سائر جو سوداءُ‘ (2013ع)، ’رتا روھيڙا‘ (2017ع)، ’ڪُونجان‘ (اوپيرا 2018ع)، ’ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات‘ (ٻارن لاءِ شاعري 2018ع)، ’مون کي چڙن چوريو‘ (گيت 2019ع ۽ ’مٿي ڪُلھن ڪينرا‘ (خاڪا 2019ع) شامل آھن. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي غزلن چوسٽن ۽ لنڊن جي ڊائري ۽ شاعريءَ کي ترتيب ڏئي ڇپائڻ جو ڪم ڪيو. ’آديسي استاد‘ ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ’ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات‘ ڪتاب تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سنڌالاجيءَ طرفان بھترين ڪتاب جا اوارڊ مليا. آگسٽ 2023ع ۾ ادبي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان طرفان کيس تمغئہ امتياز سان نوازيو ويو آھي.

  • جنم: 1964-09-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image