وشنو ڀاٽيا

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا، 21 اپريل 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.  ورھاڱي  وقت مائٽن سان گڏ سنڌ ڇڏي ممبئيءَ  ھليو  ويو. سندس تعليم انٽر آرٽس، رتن  (هندي)  ۽ ڪوويد (سسنسڪرت)  آھي.  ڀارت ۾  ھن   مھل  تائين  ھُن  انيڪ  ڪھاڻيون،  ناول، مضمون، ناٽڪ لکيا ۽ شاعري ڪئي  آھي.   ھو  ڪيترين ئي اخبارن  ھندستان،   ھندواسي  ۽  ماھوار  رسالن جو ايڊيٽر  بہ   رهي  چڪو  آھي.  جن ۾ ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين)، ’ڪونج‘ (1971ع کان 1970ع تائين) ۽ ’فلم ۽ فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) شامل  آھن.   جڏهن   تہ   ھڪ  وڏي عرصي تائين ’سنڌُو سماچار‘، ’سنڌو سنسار‘،  ’جهولي  لال‘، ’يگ ڌارا‘ ’ڪونج‘، ’سِپون‘ ۽ ’ڪاڪو ڪندن‘ ۾  ھفتيوار  ڪالم،  ڪھاڻيون  ۽ ادبي مضمون  بہ  ڇپائيندو  رهيو.  اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽  ساھت  سڀا جو 1974ع کان 1978ع تائين سيڪريٽري  بہ   رهيو   آھي.  سندس ناول ”سمرتين جو سڀاءُ“ ڏاڍو مقبول ٿيو. سندس انيڪ رچنائن جو  ھندي،  انگريزي، گجراتي،  مرهٽي،  مليالم، ڪنڙ ۽ تيلگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو  آھي.  سندس ڇپيل ڪتابن جا  نالا  ھن  ريت  آھن:   (1) دل جي بستي  (ڪھاڻيون:  1965ع)، (2) چندر مُکي  (ڪھاڻيون:  1965ع)، (3) ڏٺل عڪس جو جوڙ  (ڪھاڻيون)،  (4) سمرتين جو صبح  (ڪھاڻيون)،  (5) سج جا ٽُڪرا  (ڪھاڻيون:  1972ع)، (6) پيارُ ۽ پڇتاءُ  (ڪھاڻيون)،  (7) احساسن جي انڊلٺ  (ڪھاڻيون)،  (8) ديوار ۽ تاس جا پتا  (ڪھاڻيون:  1977ع)، (9) دي گيم  (ڪھاڻيون:  1982ع)، (10) رشتن جو انت  (ڪھاڻيون:  2001ع)، (11) دردن ماري دل (ناول: 1963ع)، (12) زندگيءَ جا ڪنارا (ناول: 1969ع)، (13) راڻي ڊرالنگ (ناول)، (14) سوال (ناول: 1976ع)، (15) پيار جو آئينو (ناول: 1981ع،  ھن  ناول جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپايو  ھو)،  (16) نئين  ساھت  جا سوال (مضمون: 1976ع) ۽ (17) ائڪٽر (رام  لھيجا  جي جيوني)  وغيرہ  ڪتاب اچي وڃن ٿا. وشنو ڀاٽيا موسيقيءَ، ڊراما، فلمن، سير سفر ۽ دوستن سان گڏجي گهمڻ  جو شوقين  ھو.   ھن  جا ’بيبو او بيبو‘، ’اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، ’انعام‘ ۽ ’ننڊ  نہ  ڪر نندن‘ ريڊيو ناٽڪ ڪافي  مشھور  ٿيا.  ھو  ’نئين سنڌي ليکڪ منچ جو ميمبر  بہ   رهي  چڪو  ھو.  وشنو ڀاٽيا جون ڪھاڻيون هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيليگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ سڀا پاران 1995ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ  بہ  مليو  آھي.

  • جنم: 1941-04-21
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image