وشنو ڀاٽيا
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا، 21 اپريل 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. ورھاڱي وقت مائٽن سان گڏ سنڌ ڇڏي ممبئيءَ ھليو ويو. سندس تعليم انٽر آرٽس، رتن (هندي) ۽ ڪوويد (سسنسڪرت) آھي. ڀارت ۾ ھن مھل تائين ھُن انيڪ ڪھاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ لکيا ۽ شاعري ڪئي آھي. ھو ڪيترين ئي اخبارن ھندستان، ھندواسي ۽ ماھوار رسالن جو ايڊيٽر بہ رهي چڪو آھي. جن ۾ ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين)، ’ڪونج‘ (1971ع کان 1970ع تائين) ۽ ’فلم ۽ فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) شامل آھن. جڏهن تہ ھڪ وڏي عرصي تائين ’سنڌُو سماچار‘، ’سنڌو سنسار‘، ’جهولي لال‘، ’يگ ڌارا‘ ’ڪونج‘، ’سِپون‘ ۽ ’ڪاڪو ڪندن‘ ۾ ھفتيوار ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ادبي مضمون بہ ڇپائيندو رهيو. اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساھت سڀا جو 1974ع کان 1978ع تائين سيڪريٽري بہ رهيو آھي. سندس ناول ”سمرتين جو سڀاءُ“ ڏاڍو مقبول ٿيو. سندس انيڪ رچنائن جو ھندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيلگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي. سندس ڇپيل ڪتابن جا نالا ھن ريت آھن: (1) دل جي بستي (ڪھاڻيون: 1965ع)، (2) چندر مُکي (ڪھاڻيون: 1965ع)، (3) ڏٺل عڪس جو جوڙ (ڪھاڻيون)، (4) سمرتين جو صبح (ڪھاڻيون)، (5) سج جا ٽُڪرا (ڪھاڻيون: 1972ع)، (6) پيارُ ۽ پڇتاءُ (ڪھاڻيون)، (7) احساسن جي انڊلٺ (ڪھاڻيون)، (8) ديوار ۽ تاس جا پتا (ڪھاڻيون: 1977ع)، (9) دي گيم (ڪھاڻيون: 1982ع)، (10) رشتن جو انت (ڪھاڻيون: 2001ع)، (11) دردن ماري دل (ناول: 1963ع)، (12) زندگيءَ جا ڪنارا (ناول: 1969ع)، (13) راڻي ڊرالنگ (ناول)، (14) سوال (ناول: 1976ع)، (15) پيار جو آئينو (ناول: 1981ع، ھن ناول جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپايو ھو)، (16) نئين ساھت جا سوال (مضمون: 1976ع) ۽ (17) ائڪٽر (رام لھيجا جي جيوني) وغيرہ ڪتاب اچي وڃن ٿا. وشنو ڀاٽيا موسيقيءَ، ڊراما، فلمن، سير سفر ۽ دوستن سان گڏجي گهمڻ جو شوقين ھو. ھن جا ’بيبو او بيبو‘، ’اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، ’انعام‘ ۽ ’ننڊ نہ ڪر نندن‘ ريڊيو ناٽڪ ڪافي مشھور ٿيا. ھو ’نئين سنڌي ليکڪ منچ جو ميمبر بہ رهي چڪو ھو. وشنو ڀاٽيا جون ڪھاڻيون هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيليگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ سڀا پاران 1995ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ بہ مليو آھي.
- جنم: 1941-04-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل