مولوي محمد عظيم شيدا
مولوي محمد عظيم شيدا جو شمار ويھين صديءَ جي عالمن، اديبن، استادن، اڳواڻن، شاعرن، محققن ۽ مفسرن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم 1882ع ڌاري ڳوٺ گل ٻرڙو، تعلقي وارھہ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ فقير لعل بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي شروعاتي تعليم پنھنجي وڏي ڀاءُ آخوند فقير محمد کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڳوٺ لڳ مولانا عبدالعزيز خاراني کنڊي واري جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي عربيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ مولانا عبدالغفور ھمايوني وٽ ۽ ميان جي ڳوٺ ۾ علامہ سيد محسن شاھ وٽ ديني تعليم ورتائين. ان بعد جيڪب آباد جي ان وقت جي مشھور عالم مولانا خادم حسين جتوئي، ڀليڏنو آباد واري وٽ چار سال پڙهي دستاربند عالم ٿيو. 1897ع ۾ دارالارشاد پير جهنڊي ۾ داخل ٿيو، جتي وقت جي وڏن عالمن کان علم تفسير، حديث ۽ فقهه کانسواءِ منطق، معاني، حڪمت فلڪيات رياضي، علم عقائد، علم حديث، علم تاريخ، علم عروض ۽ علم طب تي مھارت حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ مان لڏي اچي ڳوٺ خداداد خان پٺاڻ ۾ ويٺو، جتان پوءِ وڳڻ ۽ پوءِ يارو ديرو ۽ آخر ۾ 1953ع ڌاري نصيرآباد ۾ قيام ڪري شھر ۾ ديني تعليم جو مدرسو کوليائين ۽ ھڪ وڏي اوطاق ٺھرائي مھمان نوازي جو ھڪ مثالي مرڪز قائم ڪيو، سندس مدرسو ھر وقت شاگردن سان ۽ سندس اوطاق سدائين مھمانن سان ڀري پئي ھوندي ھئي. مولوي محمد عظيم جڏهن پھرين حج تي ويو تہ ان وقت ھندستان ۾ پليگ ۽ ڪالرا جھڙيون وچڙندڙ بيماريون پکڙيل ھيون، جنھن ۾ لکين ماڻهو مري چڪا ھئا. جڏهن پنھنجي وفد سان مڪي شريف ۾ پھتو تہ ان وقت جي مڪي شريف جي حاڪم، شريف حسين حڪم جاري ڪيو تہ “هندستان مان آيل حاجي حرم شريف ۾ صرف ھڪ ڏينھن ترسي ھليا وڃن، ڇاڪاڻ تہ انھن مان بيماري پکڙجڻ جو خطرو آھي.” ھن مڪي شريف جي حاڪم جي ان حڪم کي للڪاريو ۽ فتوى جاري ڪئي تہ “مڪي جي حڪمران جو اھو حڪم غلط آھي، دنيا جي ھر مسلمان کي پنھنجي عقيدي موجب حج ڪرڻ لاءِ جيترا ڏينھن بہ حرم شريف ۾ رهڻو پوي، اھو رهي سگهي ٿو.” شيدا جي ان فتوى مڪي شريف جي حاڪم کي ڪاوڙائي وڌو، نتيجي ۾ وارنٽ جاري ڪري شيدا صاحب کي سندس درٻار ۾ طلب ڪيو ويو ۽ کيس چيو تہ: “هو پنھنجي فتوى واپس وٺي يا سر قلم ڪرائڻ لاءِ تيار ٿئي.” مڪي شريف جي حاڪم جي درٻار ۾ شيدا موقف پيش ڪندي نہ رڳو پنھنجي فتوى تي قائم رهيو، پر خليفي کي چيو تہ: “هو پنھنجو حڪم واپس وٺي، ٻئي صورت ۾ شيدا مٿس تعزيز جاري ڪندو.” شيدا جي دليلن ۽ دليري سبب مڪي جي حڪمران کي پنھنجو ڏنل حڪم واپس وٺڻو پيو، جنھن کانپوءِ شيدا کي مڪي ۾ شاھي مھمان جو درجو ڏنو ويو. مولوي محمد عظيم شيدا، پير جهنڊي واري دارالارشاد ۾ طالب علميءَ دوران مولانا عبدالله سنڌي جي صحبت ۽ شاگردي ۾ رهيو، جنھن ڪري سندس سوچ ۽ سڀاءَ تي مولانا سنڌي جو نھايت گھرو اثر رهيو. انھيءَ وقت ھندستان ۾ ھجرت تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ وڏو زور ورتو ھو، جنھن ۾ پڻ شيدا ڀرپور حصو ورتو ھو. جڏهن مولانا عبدالله سنڌي ھجرت ڪري افغانستان وڃي رهيو ھو تہ شيدا پڻ گڏ ويو ھو. سبي پھچڻ کانپوءِ مولانا سنڌيءَ استاد ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ شيدا صاحب کي حڪم ڪيو تہ ھو واپس وڃي نوان شاگرد پيدا ڪري ۽ سندس سوچ جو ڦھلاءُ ڪري. جنھن کانپوءِ شيدا صاحب سبيءَ مان واپس موٽي آيو. 1924ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ھاري تحريڪ جو بنياد وڌو ويو تہ شيدا صاحب پنھنجي شاگردن سميت سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. مولوي نظير حسين جتوئي عرف نظير حسين جلالي بہ شيدا صاحب جو شاگرد ھئو ۽ ھو شيدا صاحب جي اڳواڻي ۾ ئي سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ھو. شيدا صاحب جي تعليمي تحريڪ تي جيڪڏھن نظر وجهجي تہ ھو پنھنجي علائقي ۾ ان وقت جي مروج تعليمي نظام يعني غريب ٻارن کي رهائڻ، کارائڻ ۽ پڙهائڻ واري سلسلي جو باني ھو. شيدا صاحب پنھنجي اباڻي ڳوٺ گل ٻرڙي ۽ نصيرآباد کان سواءِ آسپاس ۾ غريب ٻارڙن جي تعليم لاءِ ڪيترائي مدرسا کوليا ھئا، جن ۾ ڳوٺ خداداد خان پٺاڻ لڳ نصيرآباد وارو مدرسو، ‘مائي شاھل’ تعلقي وارهہ وارو مدرسو، وڳڻ وارو مدرسو ۽ يارو ديرو وارو مدرسو خاص طور تي شامل ھئا. انهن سمورن مدرسن ۾ غريب ۽ پوئتي پيل علائقن جي ٻارن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏني ويندي ھئي ۽ پڙهندڙ ٻارن جي تعليم کان سواءِ سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ شيدا صاحب پنھنجي ذاتي زمين ۽ علائقي جي مخير دوستن ۽ زميندارن جي مدد سان ڪندو ھو.1937ع ۾ سنڌ ۾ ٿيل پھرين چونڊن کان پوءِ جڏهن پھريون ڀيرو سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو قائم ٿيو، تڏهن سائين جي.ايم سيد ۽ پير الاھي بخش جي تعليمي وزارتن دوران سنڌ جي اسڪولن ۾ انگريزي متعارف ٿي. شيدا صاحب سنڌ جي انھن پھرين عالمن مان ھڪ ھو، جن سائين جي.ايم سيد ۽ پير الاھي بخش کي خط لکي کين آڇ ڪئي تہ سندس مدرسن ۾ بہ انگريزي پڙهائي وڃي. شيدا صاحب کي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي مختلف لھجن تي پڻ عبور حاصل ھو. مصري لھجي واري عربيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو ھو ۽ يمن، شام ۽ عراق وارن شاگردن جي مدرسن ۾ جڏهن يمني عربي، شامي عربي ۽ عراقي عربي لھجي ۾ ڳالھائيندو ھو تہ شاگرد توڙي منتظم اچرج ۾ پئجي ويندا ھئا. پاڻ عربي زبان ۾ شاعري پڻ ڪيائين. شاعريءَ ۾ تخلص (شيدا) استعمال ڪيائين. ساڳي طرح جڏهن ڪو ماڻھو فارسي ڳالھائيندو ھو تہ پاڻ سندس لھجي مان سڃاڻي چوندا ھئا تہ ھي ھمراھ اتر افغانستان جو آھي يا کيس ايران جي اتر ۽ اڀرندي علائقي جو رهواسي سمجهندا ھئا. محمد عظيم شيدا کي شاعريءَ سان خاص شغف ھو، تنھنڪري سندس لائبريري ۾ سنڌيءَ کانسواءِ عربي جي امراءُ القيس کان ابن زيدون تائين ۽ فارسي جي مشھور شاعرن جھڙوڪ، فردوسي، شيرازي، رومي، رودڪي، خيام ۽ جامي جھڙن شاعرن جا بياض ۽ مجموعا وڏي تعداد ۾ پيل ھوندا ھئا. پاڻ شاگردن کي درس ڏيڻ وقت ذاتي ڪچھرين توڙي مشاعرن ۾ سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي شعر برزبان پڙهندو ھو ۽ مشاعرا پڻ منعقد ڪرائيندو ھو. سنڌ جي ان وقت جي مشھور شاعرن سان سندس نھايت ويجھڙائپ ھئي. طارق نجفي ۽ دادن فقير جھڙا شاعر سندس اوطاق ۽ محفل جا مستقل مھمان ھوندا ھئا.
مولوي شيدا کي سنڌي ۽ ھندي راڳ سان گڏ عربي راڳ جي بہ تفصيلي ڄاڻ ھئي. قرئت ۽ آذان ٻڌڻ شرط پاڻ چوندا ھئا تہ ان آواز جو مالڪ عربي موسيقي جي ڪھڙي سـُر ۾ ڳائي يا ڳالھائي رهيو آھي. موسيقي سان لڳاءُ جي ڪري سندن اوطاق تي استاد فدا حسين گوالياري، خورشيد علي خان ۽ استاد منظور علي خان پڻ ڪيتريون ئي محفلون سنگاريون. وقت جا عالم، شيخ ۽ اڪابر، جيڪي شيدا صاحب جي محبت ۽ صحبت ۾ ساڻن رهاڻيون رچائڻ ايندا ھئا، انھن ۾ مولوي عبدالڪريم ٻير وارو، مولانا محمد قاسم مشوري، مولانا غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير نجيع الله شاھ راشدي وڳڻ وارو، ھدايت الله تارڪ نجفي، مولوي دوست محمد بلبل سنڌ، مولوي در محمد خاڪ، مولوي فقير محمد کوکر، مولوي غلام حسين تنيو لوٺيءَ وارو، مولوي ھدايت الله تنيو، پروفيسر غلام حيدر چنو، سيد بشير شاھ، سيد محمد شاھ موندر لاکا وارو ۽ پروفيسر عبدالمنان چانڊيو وغيرہ شامل ھئا. مولانا هڪ سماجي ڪارڪن ۽ پنهنجي وقت ۾ سٺو مَلھُ به هو. ھي جميعت العلماءَ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر ۽ جميعت العلماءَ ھند جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو. شيدا پنھنجي دور جو ھڪ ناميارو حڪيم بہ ھو. سندس حڪمت جي مڃتا نہ رڳو علائقي ۾ ھئي، پر پنجاب ۽ بلوچستان جا ناميارا ماڻهو بہ وٽس علاج لاءِ ايندا ھئا يا کيس دعوت ڏئي گهرائيندا ھئا. پنھنجي حڪمت ۽ شرافت سبب ھو نواب غيبي خان چانڊيي ۽ نواب يوسف مگسي جو خانداني حڪيم پڻ ھو. سندس حڪمت جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ نواب آف بھاولپور کيس ڪيترائي ڀيرا دعوت ڏئي بھاولپور گهرايو ھو. حڪيم فتح محمد سيوھاڻي سان سندن ياراڻو ھو، جيڪو وٽس پنھنجي پٽن سميت ايندو ويندو ھو. شيدا صاحب ايران، عراق، يمن، شام ۽ مصر کي بہ چڱي طرح گهمي ڏٺو ھو. عجائبات بہ تفصيل ۽ توجھہ سان ڏٺا ھئائون. پاڻ ٽي حج بہ ڪيائين، حضرت علي عليہ السلام جي روضي جي زيارت لاءِ نجف اشرف گهڻو ويندو ھو. شيدا پنھنجي علم ۽ قلم جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن جي زندگي مبارڪ تي ’سيرت مصطفى‘ ڪتاب بہ لکيو. 1980ع ۾ صدارتي اوارڊ ۽ 10 ھزار روپيا انعام بہ مليو. سيرت مصطفى سنڌي ادبي بورڊ طرفان چار ڀيرا ڇپجي چڪو آھي. مولوي محمد عظيم شيدا جي فرزند ۽ نامياري وڪيل منصور الحق سولنگيءَ جي ڪوششن سان 2013ع ۾ نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ان ڪتاب سيرت مصطفى جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. جڏهن تہ ان ڪتاب جي اردو ۽ فارسي ترجمي تي پڻ ڪم ھلي رهيو آھي. سنڌ جو ھي يگانو عالم، استاد، اديب، اڳواڻ، حڪيم، شاعر ۽ مفسر 1987ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھ جامع مسجد صديقہ، نصيرآباد ۾ آھي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل