پروفيسر شمشاد احمد سومرو
اديب، استاد، محقق ۽ سماجي ڪارڪن، شمشاد احمد ولد فتح الدين سومرو، 6 سيپٽمبر 1963ع تي موري شھر ۾ ڄائو. ھو ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (سياسيات)، ايم. اي (اقتصاديات) ۽ بي. ايڊ آھي. کيس ننڍپڻ کان وٺي گهر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول مليو. سندس پيءُ فتح الدين ’بيدار مورائي‘ مڃيل اديب رهيو آھي، جنھن جا ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آھن. شمشاد سومري 1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لاڙو تحقيق ڏانھن گهڻو رهيو آھي. ھن ’موري جي قاضي خاندان جي علمي، ادبي، سياسي ۽ ديني خدمتن جي تحقيقي ۽ تنقيدي جائزي‘ بابت ’جوڳيئڙا جھان‘ جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکي پورو ڪيو آھي. شمشاد سومري 1993ع کان ’ساھتيءَ جي تاريخ‘ تي تحقيقي ڪم جي ابتدا ڪئي ۽ ھيٺيان ڪتاب تيار ڪري چڪو آھي: (1) ساھتيءَ جون وستيون ۽ واھڻ، (2) ساھتيءَ جا صوفي بزرگ ۽ شاعر، (3) ساھتيءَ جا ساھتڪار، (4) ساھتيءَ جا ماڳ ۽ مڪان، (5) ڪافيءَ جو باڪمال صوفي شاعر شاھ نصير، سندس طالبي سلسلو، فن ۽ فڪر، (6) مخدوم نجيب ۽ ريلائي بزرگ، (7) موري جا مور، (8) نينھن ڪيم نروار (قاضي محمد صادق مورائيءَ جي شاعري ۽ سوانح. شمشاد سومري جا 150 کان مٿي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ پروفائيل ڇپيل آھن. ’ضلعو نوشھروفيروز سيمينار‘ (2007ع) ۽ ’مورو ھسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سيمينار‘ (2008ع) منعقد ڪرڻ ۾ سندس ھٿ رهيو آھي. سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا موري سان ھن جي پراڻي وابستگي آھي ۽ ٻنهي تنظيمن جو عھديدار رهي چڪو آھي. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ شيلڊون مليون آھن. سنڌ جي صوفي شاعر سليمان شاھ بودلائيءَ جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي سندس تحقيقي ڪتاب ’ڪيئن ريجهايان توکي!‘ مارچ 2013ع ۾، ساھتي ادبي اڪيڊمي، نوابشاھ شايع ڪيو آھي.
- جنم: 1963-09-06
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل