عاجز غلام رسول ابڙو
ناميارو شاعر عاجز غلام رسول ابڙو ولد رضا محمد ابڙو ڳوٺ ڪولاب جيئل تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ۾ 2 اپريل 1958ع تي پيدا ٿيو. ھن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪولاب جيئل مان جڏھن تہ مڊل جي تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪولاب جيئل مان 1974ع ۾ ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪنڊيارو مان 1976ع ۾، فرسٽ ايئر گورنمينٽ ڪاليج ڪنڊيارو مان ۽ انٽر گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1979ع ۾ پاس ڪئي. ايم ايس سي ڪيمسٽري ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1986\87 ۾ پاس ڪئي.
ھن نوڪرءَ جي شروعات 1987ع ۾ استاد طور ايس ايس ٽي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول کٽڻ ضلع ڪڇي بلوچستان کان ڪئي. بعد ۾ پاڻ بي ايڊ ايگرو ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪوئيٽا مان ڪيائون. 2 اپريل 2018ع تي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ملگزار ضلع صحبت پور بلوچستان مان رٽائر ٿيا.
عاجز غلام رسول لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
1. درد نگر جا ماڻھو (شاعري) 2017ع مرڪ پبلڪيشن ڪراچي
2. تاريخي ماڻھو تاريخي ڪردار (مضمون) 2019ع پوپٽ پبليڪيشن خيرپور
3. سونارا صراف ٿيءُ (تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا ) 2024ع چانڊوڪي پبليڪيشن واھي پانڌي
جڏھن تہ سندس شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب ”زندگي ءَ جي جهول ۾“ چانڊوڪي پبليڪيشن واھي پانڌي پاران 2025ع ۾ ڇپائي جي مرحلي ۾ آھي
- جنم: 1958-04-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل