متارو ڏاهري
ڪامريڊ متارو ڏاھري 1954 ع ۾ پنھنجي والد فقير محمد ھاشم ڏاھري جي گهر جنم ورتو. ڪامريڊ متاري ڏاھري ءَ تي اھو نالو سندس ئي ڏاڏي جو رکيو ويو، ان ڪري پنھنجي پيءُ جو دادلو ٻار بہ ھو. ڪامريڊ جو والد صاحب فقير محمد ھاشم ڏاھري حر مجاھد ھجڻ سان گڏ حر تحريڪ جو سرواڻ بہ ھو. ڪامريڊ اڳتي ھلي ڏاڏو متارو ڏاھري طور مشھور ٿيو. پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ بچل جهلوجو مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ تائين تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول شھدادپور مان حاصل ڪئي، انٽر ڊگري ڪاليج شھدادپور مان ڪئي ۽ گريجوئيشن ۽ ماسٽرز پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
ڪامريڊ متارو ڏاھري پنھنجو سياسي سفر ھاء اسڪول کان شروع ڪيو، ستر واري ڏھاڪي ۾ پاڻ پير پاڳاري جو مريد ھجڻ ڪري ان ٽائيم مسلم ليگ جوائن ڪيائين، ھاء اسڪول ۾ ئي ھو تہ پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياسي تنظيم جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت ڪيائين. طالب جکرو، امداد شاھ، ڊاڪٽر اي.ڊي ڪي، ابوبڪر زرداري ۽ ٻيا دوست ساٿي ان وقت سندس سياسي ھم سفر ھئا ۽ سائين جي ايم سيد، اسماعيل وساڻ، شاھ محمد شاھ سندس سياسي رهنما ھئا. ڪامريڊ متارو ڏاھري ضلعي سانگهڙ ۾ تنظيم جي مختلف عھدن تي رهيو، جڏھن وڌيڪ اعلا تعليم لاء سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ آيو تہ ھتي بہ ساڳي تنظيم جو متحرڪ ڪارڪن رهيو. مرڪز جي مختلف عھدن تي رهڻ کان پوء اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن ٿي پاڻ اسٽوڊنٽس يونين سنڌ يونيورسٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو، جيڪو ان شاگرد يونين جو آخري جنرل سيڪريٽري رهيو، ڇو تہ بعد ۾ يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽس يونين ۽ شاگرد سياست تي پابندي لاڳو ٿي جيڪا اڄ تائين قائم آھي.
شاگرد جدوجھد دوران ڪامريڊ متارو ڏاھري يا سندس شاگرد ساٿي رهنمائن مٿان ڪئين ڪوڙا ڪيس ڪري کين جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ڪامريڊ متارو ڏاھري ڪجهہ وقت روپوش رهڻ کان پوءِ 1979 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرفتار ڪيو ويو, کيس ساٿين سميت ڪوڙا ڪيس مڙهي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رکيو ويو. 1979 کان 1983 تائين کيس جيل ۾ رکيو ويو ۽ 1983 جي آخر ۾ کيس آزاد ڪيو ويو، آزاد ٿي اچڻ کان پوء بہ مختلف سياسي ۽ سماجي فارمن تان قومي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو 12 سيپٽمبر 2011 صبح جو 10 بجي دل جو دورو پوڻ ڪري ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. وفات بعد سندس پُٽ ولي ڏاھري سندس جيل ڊائري کي سھيڙِ ڪتاب ”ڪتيون ڪيئن قيد ۾ گذريون“ ڇپرايو.
- ورسي: 2011-09-12
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل