فيروز احمد ميمڻ

مشھور ليکڪ، پبلشر/ناشر فيروز احمد ميمڻ 2 جنوري 1947ع تي، حيدرآباد ۾ محمد صالح ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن ايم.اي (اڪنامڪس)، ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم.اي (سنڌي) ۽ ايم.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان استاد، ھيڊ ماستر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ذميواريون نڀايون. ھن شروعاتي دور ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ ڪجهہ وقت لکيو، ان بعد ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ قائم ڪري ڪتاب ڇپائڻ لڳو. 40 سالن جي عرصي ۾ 260 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، جن ۾: سفرناما، ڪھاڻيون، شاعري، آتم ڪٿا، ترجمو ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا. مشھور ناشر جي حيثيت ۾ ھن شروعاتي دؤر ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مشھور اديبن، شاعرن، محققن ۽ سياستدانن جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. فيروز احمد سگا، ڪاروان ادب ۽ سھڻي پبليڪيشن سان بہ لاڳاپيل رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾: ”بين الاقوامي قانون (ايم. اي جي شاگردن لاءِ)، عظيم ڪھاڻيڪارن جون عظيم ڪھاڻيون (ترتيب)، ”آزادي خاطر“ (ترجمو ٿيل ڪھاڻيون) ۽ ”موتي جي مھراڻ جا“ (ڪھاڻيون، ترتيب) شامل آھن. اشاعت جي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چُڪا آھن، جن ۾: بھترين پبلشر ايوارڊ (محمد صادق گولڊ ميڊل) ۽ بھترين پبلشر ايوارڊ (ڪاروان ادب) اھم آھن.

  • جنم: 1947-01-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image