اعجاز منگي
صحافي، ڪالم نگار ۽ شاعر اعجاز منگي ولد نجم الدين منگي، 15 آڪٽوبر 1964ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻہ سال ”فلسفي“ جي تعليم ورتي. ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوريمان ڪيائين. ھو تعليم سان گڏوگڏ ترقي پسند سياست سان بہ لاڳاپيل رهيو. ھو ٻارن جي تنظيم ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ جو باني سرپرست، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ڪارڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ رهيو. اعجاز منگي مئٽرڪ واري زماني ۾ 1980ع ڌاري شاعري شروع ڪئي. اعجاز منگيءَ صحافت ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ کان شروعات ڪئي. ”عبرت مئگزين“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، روزاني ڪاوش جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج بہ رهيو ۽ روزاني ”سنڌ“ جو ايڊيٽر رهي چڪو آھي. ھن باقاعدہ سنڌي ڪالم نگاريءَ جي ابتدا 1992 ڌاري روزاني ”ڪاوش“ کان ڪئي. ھن ڪالم نگاريءَ ۾ نئون انداز متعارف ڪرايو. ھن جي ڪالمن کي سنڌ ۾ تمام گهڻي شھرت ملي. روزاني ڪاوش کان پوءِ ھن روزاني ’سنڌ‘، ’تعمير سنڌ‘، ’سچ‘ ۽ ’عبرت‘ جي لاءِ ڪالم لکيا. ھن جي ڪالمن ۾ شاعراڻو نثر ۽ ھن جي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻي رومانيت موجود ھوندي آھي. سنڌيءَ کان سواءِ اعجاز منگي اردو ٻوليءَ ۾ بہ ڪالم نگاري ڪئي آھي، جڏهن تہ ھو انگريزي اخبا ”The News“ ۾ بہ ’فري لانسر‘ طور لکندو رهيو آھي. نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار سردار شاھ سان گڏ ”افيئر“ رسالي جا ڪجهه پرچا جاري ڪيا. ھن جو ھڪ منظوم ڊرامو ”مڪليءَ مٿان وڄ“، ماھنامي ’پروڙ‘ ۾ شايع ٿيو. ان منظوم ڊرامي ۽ سندس ٻئي ھڪ طويل نظم ”گورباچوف“ ڪافي مقبوليت ماڻي. سندس آخري نظم ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيل آھي. سال 27 جولاءِ 2006ع کان 16 اپريل 2008ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو. سندس سنڌي ۽ اردو ڪالمن جا ٻہ مجموعا ’اناالحق‘ ۽ ”مقتل مين محبت“ جي نالي سان شايع ٿيل آھن.
- جنم: 1964-10-15
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل