بادام ناتوان
سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ”بادام ناتوان“ جو جنم 1930ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. بادام ناتوان جو هڪ انٽرويو گهڻو وقت اڳ ماهوار ”اديون“ ۾ شايع ٿيو هو، جنھن ۾ هن پنھنجي نالي جي باري ۾ چيو هو تہ: ”نالو بادام اٿم، جنھن لاءِ اڪثر آدمي پڇندا آهن تہ هيءُ نالو ڇو؟ حقيقت هن طرح آهي تہ شڪارپور ۾ ڪوئيٽا جا پٺاڻ سرد موسم ۾ ايندا هئا، جن جون نياڻيون تعليم وٺڻ اينديون هيون، انھن پٺاڻين جا اهي نالا هوندا هئا ۽ امان اسڪول جي هيڊمسٽريس هوندي هئي ۽ انھن مان هڪ نالو يعني ”بادام“ مون لاءِ منتخب ڪيائين.“ بادام ناتوان جي تعليم مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) هئي، پر سندس مطالعو وسيع هو. هن پنھنجو تخلص ”ناتوان“ ان ڪري رکيو، جو سندس چوڻ مطابق عورت ذات’ناتوان‘ يعني ڪمزور آهي. هوءَ ”بادام ناتوان“ جي ادبي نالي سان ادبي حلقي ۾ مشھور ٿي. بادام ناتوان جي پھرينءَ تصنيف جو نالو ”شڪستہ زندگي“ آهي. اهو ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي ۽ ڪتاب جو هرهڪ ڀاڱو اڍائي سؤ صفحن تي مشتمل آهي. سندس ٻي تصنيف آهي ”خوش خصلت خاتون“. هن پھريون ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپرايو هو ۽ سندس ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو هو، جنھن جون ٻہ سئو ڪاپيون ۽ انعام بہ ان وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي ڏانهس موڪليو هو. بادام جي ٽين تصنيف ”قلبي اُڃ“ آهي، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿي، جنھن تي برک دانشور ۽ اسڪالر علامہ آءِ. آءِ. قاضي مرحوم تبصرو ڪيو هو. ان کان علاوہ سندس تصنيفن ۾ ”نماڻي نار“، ”خلوت ۾“ ۽ ”رنم رت ڦڙا“ قابل ذڪر آهن. مرحومہ پنھنجي ڀيڻ روشن آرا مغل جي وفات تي سندس سڪ ۾ هڪ رسالو ”تنھنجي ياد ۾“ پڻ ڇپايو هو. بادام ناتوان، سنڌي ادب جي پھرين عورت هئي، جنھن مضمون کي فڪشن جو روپ ڏنو. بادام ناتوان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ، اردو، فارسي ۽ انگريزي زبانن جي پڻ خاصي ڄاڻ هئي. هن 8 فيبروري 1988ع تي پنھنجي اباڻي شھر شڪارپور ۾ وفات ڪئي.
- ورسي: 1988-02-08
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل