آسُومل ڏاندُومل فقير صوفي

صوفي آسُورام

آسورام ’آسو‘: ماستر آسُومل عرف صوفي آسُورام جو جنم 1854ع ۾ ڏاندُو مل برھم کتري جي گهر، ھالن پراڻن ۾ ٿيو. اٺن سالن جي عمر کان ڌرمي شاستر پڙھندي ستسنگ وڃڻ شروع ڪيائين. ساڳئي وقت ۾ پاڙي جي بزرگ سيد فقير علي شاه وٽان حڪمت جي تعليم بہ پيو وٺندو ھو. ھن کي ٻارھن سالن جي عمر ۾ مجازي عشق جڪڙي ورتو، جنھن کان پوءِ ترت ئي مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي. آسورام حق جي تلاش ۾ ويھن ورهين اندر قرآن مجيد ۽ انجيل جو بہ مطالعو ڪيو. انهيءَ دوران هو 1871ع ڌاري پرائمري ماستر مقرر ٿيو. نارمل اسڪول حيدرآباد مان تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڦڪا، جوھي، نصرپور، سعيدآباد ۽ کنڊُو سميت مختلف جاين تي نوڪري ڪندي آخر پنھنجي ڳوٺ ھالن پراڻن ۾ ھيڊماستر جي عھدي تان 1909ع ڌاري رٽائر ٿيو. نصرپور ۾ نوڪري دوران سندس صحبت سيد مصري شاه سان ٿي، جنھن ھن ۾ شاعريءَ توڙي تصوف جو شوق وڌايو. اتان پوءِ طريقت لاءِ درگاه جهوڪ شريف جا پنڌ ڪيائين ۽ ھن سلسلي جي بزرگ سائين نور محمد شاه کان حق جي ھدايت ورتائين. آخر تائين اتي جي حاضري ڀريندو رھيو. آسورام جي مکيہ چيلن ۾ سَنت ٽيئون رام، ڍالُو ڀڳت، پرمانند ۽ مائي ڀوڄي شامل آھن. رٽائرمينٽ کان پوءِ ھالن پراڻن ۾ حڪمت جو دواخانو کوليائين، جيڪو اڄ تائين سندس اولاد سنڀاليندو اچي.
صوفي آسورام سنڌي، سرائڪي، ھندي، اردو ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آھي. سندس ٽي تصنيفون: (1) ديوان آسو، (2) ويراڳ نامو عرف پريم غنچہ، (3) رسالو آسومل صوفي آھن. انهن مان ’ديوان آسُو‘ 1897ع ۾ لکي پورو ڪيائين، جيڪو پھريون ڀيرو ويڙھومل کٽڻ مل، بڪ سيلر لاڙڪاڻي واري 1934-1935ع ڌاري ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو سندس پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل کتري (ھالا نوان) طرفان سيپٽمبر 2025ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن کي آڪاش آسواڻيءَ مرتب ڪيو آھي. باقي ٻه ڪتاب شايع نه ٿي سگهيا آھن. صوفي آسُورام جي فڪر ۾ مذهبي نفاق ۽ اوچ نيچ جو تصور ئي نہ آھي. سندس ڪلام ۾ حق جي طلب نمايان نظر اچي ٿي ۽ تصوف جو اثر گهڻو واضح آهي. هن ويدانت ۽ تصوف جي خيالن کي ملائي هڪ ڪري پيش ڪيو آهي. فقير آسورام جي شاعريءَ ۾ سنڌي، ھندي، فارسي ۽ عربيءَ جا تمام گھرا ۽ عام فھم کان مٿانھان لفظ استعمال ٿيل ڏسجن ٿا. جن کي ڪو عالم يا ڄاڻو ئي سمجهي سگهي ٿو. باقي عام طرح سمجهڻ لاءِ ڪنھن لغت يا ڊڪشنري جي ضرورت پوندي. هن 15 فيبروري 1941ع تي ھالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. کيس ھڪ پٽ ويرسي مل ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس ڪجهہ اولاد ھالا نوان ۽ ٻيو ھندستان ۾ رھي ٿو. ناگپور (انڊيا) ۾ سندس سماڌي آھي، جتي ھن وقت سائين مڪيش آسواڻي گادي نشين آھي.

  • جنم: 1854-01-01
  • ورسي: 1941-02-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image