جبار آزاد منگي

Author Name

جبار آزاد منگي ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگيءَ 18مارچ 1962ع تي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. صحافت ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي خبرن واري شعبي سان وابسته آهي. ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سنڌ جي تاريخ تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ تي مشتمل پروگرام “ سنڌ رنگ” گذريل ويهن ورهين کان ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڊگهي ۽ وڌيڪ عرصو پروگرام ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهيو آهي، ان کان سواءِ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عباللطيف ٻڌڀٽائي جي فن ۽ فڪر تي مشتمل پروگرام “ وکر سو وهاءِ ” ۽ روزانو نشر ٿيندڙ ڊسڪ جاڪي پروگرام “ روح رهاڻ ” به سندس محنتن سبب ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن.

جبار آزاد منگيءَ جا ڇھ ڪتاب ڇپيل آھن
 1:“ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ”( ريڊيو اسڪرپٽ)
 2: اندر ڪارو ڪانءُ (ڪهاڻيون)
 3: ٽمون شرارتي ( ٻارن لاءِ ڪالم ڪهاڻيون)
 4: تعلقي نصيرآباد جي جاگرافي
 5: انت بحر عميق جو ( تعلقي نصيرآباد جي ڪلاسيڪل شاعر نور باداڻيءَ جي شاعري جي سهيڙ)
 6: ايءُ عشق جو آواز( ريڊيو اسڪرپٽ) ڇپجي چڪا آهن .

هن جا لکيل 50 کان وڌيڪ ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ٿي چڪا آهن. هيءُ المهراڻ سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن نصيرآباد، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن نصيرآباد جو باني، پهريون صدر ۽ ڪنوينر رهيو آهي. جبار آزاد منگيءَ جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس لکيل هڪ گيت ’او مٺي او مٺي تڪي تنهنجي گهٽي‘ فنڪار شفيق منگيءَ جي آواز ۾ مقبوليت ماڻي آهي. کيس خدمتن جي عيوض ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ سگا لاڙڪاڻي ڊويزن طرفان ’بهترين ڪارڪن‘ اوارڊ، 1995ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سرڪل پاران ’بينظير ٽيلينٽ اوارڊ‘، ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هٿان مليل آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي جبار آزاد منگي جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


جبار آزاد منگي جا ڪتاب

لفظ هوا ۾ خوشبوءِ، ليکڪ : جبار آزاد منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لفظ هوا ۾ خوشبوءِ
ليکڪ : جبار آزاد منگي
اندر ڪارو ڪانءُ، ليکڪ : جبار آزاد منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اندر ڪارو ڪانءُ
ليکڪ : جبار آزاد منگي
ٽمون شرارتي، ليکڪ : جبار آزاد منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ٽمون شرارتي
ليکڪ : جبار آزاد منگي
ايءُ عشقَ جو آواز، ليکڪ : جبار آزاد منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ايءُ عشقَ جو آواز
ليکڪ : جبار آزاد منگي
ڪڪڙ ڪرسيءَ تي، مصنف : جبار آزاد منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪڪڙ ڪرسيءَ تي
مصنف : جبار آزاد منگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ