course image
Ali Muhammad Shah Lakyari

علي محمد شاھ لڪياري

صحافي ۽ اديب علي محمد شاھ لڪياري 3 اپريل 1954ع تي ڳوٺ سيد جادل شاھ تعلقو مورو ضلعو نوابشاھ ۾ هڪ درويش صفت انسان ۽ بزرگ گهراڻي جي سيد عمر شاھ لڪياري جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ انگريزي تعليم موري شھر جي هائي اسڪول ۾ پرائي، جيڪو ڳوٺ جادل شاھ کان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڇھن ميلن جي مفاصلي تي هو. 1971ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1973ع ۾ مھراڻ ڪاليج مورو مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شعبہ آءِ آر يعني بين الاقوامي تعلقات ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر شيخ مبارڪ علي (شيخ اياز) هو. سائين علي محمد شاھ لڪياري 1973ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ سيد جادل شاھ کي الوداع ڪري موري شهر ۾ اچي رهائش پذير ٿيا هئا، جڏهن 73 واري ٻوڏ سندن ڳوٺ سان گڏ ڪيترن ئي ڪچي جي ڳوٺن کي پنهنجي زد ۾ آڻي ڇڏيو هو. ۳ سال موري ۾ رهڻ کان پوءِ سيد علي محمد شاھ جو والد 1974ع ڌاري ڳوٺ نبن شاھ ديھ اوڀاري ساوڙي چڪ نمبر 2 تعلقو نوابشاھ ۾ اچي پنهنجا اجها اڏيا، جتي سندن اڳ ئي زمين موجود هئي. علي محمد شاھ تي پيءُ پاران رکيل نانءُ سندس ڏاڏي مرحوم جو هو. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اچڻ کان پوءِ نظرياتي ۽ فڪري اعتبار کان سائين، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. هن قومي شعور رکندڙ ڌرتيءَ جي جوڌي جوان کي سياسي ايڪٽوٽي جي ڪري ٽن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ بہ هن ڪڏهن مايوس ٿي همت نہ هاري ۽ هي سيد جي فڪر ۽ نظريي سان پوءِ بہ اڳي کان اڳرو سلھاڙيل رهيو. تان جو 20 فيبروري 1980ع تي علي محمد شاھ لڪياريءَ کي هاسٽل جي ئي روم تان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس ساٿين سان گڏ ڪوٽڙي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، جنھن کان پوءِ حيدرآباد سٽي لاڪ اپ کان پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، جتي هن پنھنجي ڦوھ جواني جا 3 سال جيل ۾ وڏي همت، بھادري ۽ اڏولتا سان گذاريا. ايڏين تڪليفن ۽ پريشانين هوندي بہ سائين سياست سان گڏ تعليم جو دامن نہ ڇڏيو ۽ هن نيٺ 1984ع ۾ ايم اي (آئي آر) مڪمل ڪري ورتي. جيل ۾ رهڻ دوران سائينءَ سان جيڪي بہ حالتون پيش آيون، انھن سڀني کي جيل ڊائريءَ جي روپ ۾ امر ڪري ڇڏيو. هن ان سموري احوال کي سھيڙي پنھنجي انداز سان “ڪايا مَنجهہ ڪَڙَنِ” جي عنوان سان مڪمل ڪيو. سندس ھڪ ٻيو ڪتاب ”چِٺيون چَندَن واسُ“علي محمد شاھ لڪياري ڏانهن جيل مان، جيل ۾ ۽ سنڌ مان جيل ۾ آيل خطن جو مجموعو آهي. علي محمد شاھہ لڪياري ڏانهن لکيل هي سڀئي خط 1980ع واريءَ ڏهاڪي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو چِٽو آئينو آهن.
علي محمد شاھ لڪياري بعد ۾ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلز لاءِ رپورٽر ۽ صحافت واري زندگي گذاري.  سندس صحافتي انداز سنڌي صحافت ۾ منفرد ۽ ڀرپور آهي. هن جي انفراديت جو هڪڙو ڀرپور ثبوت اسٽوريز آهن، جنھن ۾ تترن، ڪڪڙن، ڏاندن، گهوڙن، پَٽڪن، رِلين، واڳوئن، پيروئن، ڪڻڪ جي لاباري، ڦٽين جي چونڊي وغيرہ تي جامع قسم جون تفصيلي اسٽوريز سنڌي اخبار جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب چئي سگهجن ٿيون، جنهن جو ڪريڊٽ سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ ڏانهن ئي وڃي ٿو. ان کان علاوہ 2000ع واري آيل وڏي زلزلي جي پيرائتي رپورٽ ۽ تاريخي، سياسي، سماجي، ادبي انٽرويوز، تقريرون ۽ مضمون پڻ سائين جي محنتن جون ڀرپور ڪاوشون آهن.
اجرڪ جو پٽڪو پائيندڙ، ھيءُ ناميارو صحافي، رپورٽر ۽ ليکڪ 21 جون 2020ع تي لاڏاڻو ڪري ويو

  • جنم: 1954-04-03
  • ورسي: 2020-06-21
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image