رڪ سنڌي

Author Name

رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس اصلي نالو غلام اصغر منگي آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.

رڪ سنڌي سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي، جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. 

ڪتابن جي فهرست:

1. سنڌو سڀيتا جي اوسر (تحقيق)

2. سنڌو سڀيتا جي محقق (تحقيق)

3. سنڌو سڀيتا، آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو (تحقيق)

4. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (سياسي صورتحال)

5. ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سـانحــو (تاريخ ۽ سياسي صورتحال)

6. سنڌي قوم جو مـقـدمــو (تاريخ، سياسي صورتحال)

7. سنڌ جي سياسي صورتـحــال (تاريخ، سياسي صورتحال)

8. تاريخ جي لاٽ (ادب) 

9. قاضي فيض محمد (سوانح) 

10. ســنڌ جي قـومـي تـحـريـڪ ۾ سـنڌين جو اتحاد (مقالا ۽ مضمون)

11. اڄ جي سنڌ (مقالا ۽ مضمون)

12. منهنجون يادگيريون (سوانح)

13. ڏتڙيل ديس جي ڪهاڻي (مقالا ۽ مضمون)

14. سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو (مقالا ۽ مضمون)

15. پاڪستان طوفان جي گهيري ۾ (بينظير ڀٽو جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو) 

16. سنڌي ٻولي رت رتولي (ترتيب)

17. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي (ترتيب)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رڪ سنڌي جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


رڪ سنڌي جا ڪتاب

سنڌو سڀيتا جي اوسر، ليکڪ : رڪ سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌو سڀيتا جي اوسر
ليکڪ : رڪ سنڌي
قاضي فيض محمد  (سوانح حيات)، ليکڪ : رڪ سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
قاضي فيض محمد (سوانح حيات)
ليکڪ : رڪ سنڌي
قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ : رڪ سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي
ليکڪ : رڪ سنڌي
اڄ جي سنڌ  : هڪ مطالعو، ليکڪ : رڪ سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو
ليکڪ : رڪ سنڌي
سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو، ليکڪ : رڪ سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو
ليکڪ : رڪ سنڌي
سنڌو سڀيتا جا محقق، ليکڪ : رڪ سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌو سڀيتا جا محقق
ليکڪ : رڪ سنڌي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ