بابر جاگيراڻي

بابر علي جاگيراڻي، ادبي دنيا ۾ بابر جاگيراڻي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.  ھو   ھڪ  نمايان شاعر،  ڪھاڻيڪار  ۽ ڊراما نويس  آھي،   جنھن  01-01-1988 تي ڳوٺ مرزا خان جاگيراڻي، تعلقو قبو سعيد خان ۾ ڊاڪٽر معشوق علي جاگيراڻي (سماجي رضاڪار) جي  گهر  ۾ جنم ورتو.  ھن  بي اي (ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ايم اي (سنڌي)  شاھ  عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان مڪمل ڪئي  آھي.  بابر گذريل  ڏهن  سالن کان مقامي،  ڏيھي  ۽  پرڏيھي  سماجي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون  آھن  ۽ 2022 کان تعليم کاتي ۾ JEST طور مقرر  آھي. 
بابر  جو ادبي سفر 2009ع ۾ شاعريءَ جي ڪتاب ”ڪئمپس ڪجراريون “سان شروع ٿيو. سندس ڪيترائي ٻيا ڪتاب اڻ ڇپيل آھن، جن ۾ محبت جا گلاب، اباڻو ڳوٺ، حوا ڄايون، امن  گهرجي  ۽ ٻارن لاءِ ”پکين سان پيار“ شامل  آھن.  ڊراما نويسيءَ ۾  بہ  سندس الڳ سڃاڻپ  آھي،   جنھن  ۾ ڌرتي ٽي وي تي نشر ٿيل ڪلاسڪ ڊرامو ”ممتا جو موت“ وڏي پذيرائي ماڻي ۽ ڪيترائي ڊراما  جنھن  ۾ سولو پلي، مني سيريلز،  ھارر  پلي ۽ ڪاميڊي پليز سنڌ ٽي وي، ڪي ٽِي اين ، ڌرتي ٽي وي تي نشر ٿيل  آھن.  سندس اسٽيج ڊراما سنڌ جي مختلف  شھرن  ۾ پڻ پيش ڪيا ويا  آھن،  جيڪي NAPA، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ مختلف خانگي ٿيئٽر گروپن پاران پيش ڪيا ويا.
سماجي حوالي سان بابر ڪيترن ئي اين جي اوز لاءِ Disaster Risk Reduction، Peace and Harmony، Gender ۽ Search & Rescue تي ٽريننگ مينوئلز تيار ڪيا  آھن  ۽  انھن  موضوعن تي ماسٽر ٽرينر طور  پنھنجون  خدمتون سرانجام ڏنيون  آھن.  سندس امن جي بحالي لاءِ شاعري ۽ پيغام جيڪب آباد جي ديوارن تي 27000 اسڪوائر فيٽ تي وال پينٽنگ جي صورت ۾ لکيا ۽ رنگيا ويا، جيڪو USAID-DAI جي فنڊنگ سان SHIFA Welfare Association پاران لاڳو ڪيل پروجيڪٽ جو حصو  ھو. 
سندس  شاعريءَ کي استاد عبدالغفور سومرو، استاد غلام حسين شيخ، پيرل ٻرڙو، ماسٽر رضا سومرو، عاجز چنا ۽ تنوير چوڍيو  پنھنجي  آواز ۾ ڳايو  آھي.  بابر جاگيراڻي کي ادب ۽ سماجي خدمتن تي CSSP  اين جي او پاران ايوارڊ پڻ مليو  آھي.   ھو  سنڌي ادب، امن جي واڌاري ۽ تخليقي فن ۾  ھڪ   اھم  ۽ نمايان نالو  آھي. 
 

  • جنم: 1988-01-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image