اعجاز مھر
اعجاز حسين مهر ولد غلام حسين مهر، 6 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ ڪامل مهر ضلع شڪارپور ۾ ڄائو، 1982ع کان 1994ع تائين ڪراچي ۾ رهيو. ان بعد اسلام آباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. ھن پنھنجي تعليم ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ جاري رکي. ھن ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۽ ڪامرس ۾ گريجوئيشن سنڌ مسلم ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ 1992ع ۾ انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم. اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شاگردي واري زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابستہ رهيو. 1989ع ۾ صحافت ۾ آيو ۽ ڪراچيءَ جي مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن جهڙوڪ نئون سج، الوحيد، ڪاوش ۽ ماھوار رسالي پرهه، اردو اخبارن انتخاب ۽ نجات ۾ ڪم ڪيائين. ھي 1994ع ۾ ڪاوش جي رپورٽر طور ڪراچي ۾ مقرر ٿيو. کيس ترت اسلام آباد موڪليو ويو. مارچ 2004ع ۾ بين الاقوامي نشرياتي اداري بي بي سي کيس رپورٽر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ کيس پاڪستان لاءِ چيف رپورٽر مقرر ڪيو.هن اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڪيترائي مضمون ۽ فيچر لکيا ۽ صحافت ۾ معلومات تي ٻڌل تجزياتي مضمون لکڻ سندس خصوصيت رهي آھي. ھو انهن چند سنڌي صحافين مان آھي، جيڪي عالمي نشرياتي ادارن تائين پھتا آھن. آمريڪي صدر اوباما جي چونڊ مهم، گڏيل قومن جي اجلاس سميت ڪيترن ئي عالمي پروگرامن جي ڪوريج ڪري چڪو آھي.
- جنم: 1968-12-06
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل