course image
Abdul Razaq Abdul Salam

عبدالرزاق عبدالسلام

نامور عالم، تعليمي ماھر، ناول نگار ۽ شاعر عبدالرزاق ولد عبدالسلام ميمڻ جو جنم، 15 سيپٽمبر 1898ع تي صابو گرن محلي، نوشھري فيروز ۾ ٿيو. ھن ابتدائي تعليم نوشھري فيروز مان حاصل ڪئي. ھن فارسيءَ جي تعليم قاضين جي محلي واري مدرسي مان، مئٽرڪ 1916ع ڌاري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان، بي. اي، ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان، ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪيائين. عبدالرزاق ميمڻ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1923ع ۾ گورنمينٽ ناز ھاءِ اسڪول خيرپورميرس جو پرنسپال مقرر ٿيو. جتي 1935ع تائين پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 1937ع ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (ڊي. پي. آءِ) مقر ٿيو. نامور عالم ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻي سندس استاد ھو. عبدالرزاق قانون جي ڊگري پڻ پاس ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڳڻتي’، ‘جهان آرا’ (ناول)، ‘گلزار’ نظم، ‘مٺڙا ٻول’، ‘نئين جاگرافي سنڌ’، ‘نئين جاگرافي ھندستان’، ‘سنڌي ٻولي ۽ عبارت جو جائزو’ قابل ذڪر آھن. ‘جهان آرا’ ناول انٽر ڪلاس جي نصاب تي رکيل آھي. عبدالرزاق ميمڻ کي ذيابطيس جو مرض ٿي پيو ھو، جنهن سبب 31 ڊسمبر 1941ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھ نوشھري فيروز ۾ آھي. سندس ھڪ پٽ ظفر الحق پوليس کاتي ۾ ڊي. آءِ. جي رهي چڪو آھي.

  • جنم: 1898-09-15
  • ورسي: 1941-12-31
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image