عزيز رانجهاڻي
نامور اديب ۽ محقق عبدالعزيز رانجهاڻي، 7 سيپٽمبر 1968ع تي دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ ڇنيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي پرائمري تعليم ڳوٺ مان وٺي، مئٽرڪ ۽ انٽر دادوءَ مان پاس ڪيائين. مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري مان پئٽروليم ۽ گئس ۾ بي. اِي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1996ع ۾ ملڪي سطح تي تيل ۽ گئس جي ترقياتي اداري آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (O.G.D.C.L) ۾ پئٽروليم انجنيئر مقرر ٿيو. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترين ئي فيلڊن ۾ پنھنجون ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آھي. 1980ع کان وٺي ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واڳيل بہ رهيو آھي، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، شھري اتحاد، ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، فرينڊس آف انڊس، لعل شھباز ميلا ڪميٽي، دادو پريس ڪلب، دادو شھري اتحاد، کيرٿر ايڪسپلورر، شھري تنظيم (سي. بي. اي)، شامل آھن. ھن ابتدا ۾ عزيز ڪاڇيلي جي نالي سان لکيو. 1985ع کان وٺي عزيز رانجهاڻي صحافت سان لاڳاپيل رهيو. ھفتيوار ’برسات‘ ڪراچي، جنگ گروپ جي انگريزي اخبار ’دي نيوز‘ ڪراچي، ’سنڌ ٽربيون‘ ڪراچي، ’جاڳو‘ ڪراچي، پي. پي. آءِ نيوز ايجنسي، ھلال پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ رپورٽر ۽ ليکڪ طور پنھنجون صحافتي ذميواريون نڀائيندو رهيو آھي. ھن ماحوليات، سياحت، ثقافت، آثار قديمہ ۽ ٻين موضوعن تي انيڪ مضمون ۽ ڪالم لکيا آھن. کيس مختلف شعبن ۾ بھتر ڪارڪردگيءَ سبب اوارڊ بہ مليا آھن. 1993ع ۾ لعل شھباز قلندر جي ميلي جي موقعي تي دادو ضلعي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي فوٽوگرافي، نمائش ۽ ميلي جي انتظامن تي کيس ’شھباز اوارڊ‘ مليو. 1998ع ۾ منڇر ڍنڍ ۾ ماحولياتي گدلاڻ بابت مسلسل لکڻ تي اقوام متحدہ جي عالمي اداري آءِ. يو. سي. اين (I.U.C.N) پاران کيس اوارڊ ۽ انعام سان نوازيو ويو. 2012ع ۾ ڊبليو. ڊبليو. ايف (W.W.F) ۽ فرينڊس آف انڊس پاران کيس گرين جرنلسٽ اوارڊ ڏنو ويو.
عزيز رانجهاڻي پيشوراڻين ذميوارين سان گڏ لکڻ پڙهڻ، سياحت ڪرڻ ۽ دوستن سان گڏ مھم جوئيءَ کي جاري رکندو اچي. منڇر ۾ ماحولياتي آلودگيءَ جي وقت سر نشاندھي ڪرڻ ۽ ھن وسيع ڍنڍ کي بچائڻ لاءِ ميڊيا ذريعي آواز اٿارڻ ۽ تاريخي گنجي ٽڪر تي پنڊپھڻ ٿيل انساني پيرن جي دريافت سندس نمايان حاصلات آھن. ھن گورک جبل جي ترقيءَ، ڪاڇي جي مسئلن ۽ منڇر کي بچائڻ لاءِ ڪافي لکيو آھي. ھو سنڌ ۽ پنجاب جي قديم آثارن، ماڳن مڪانن، ڍنڍن ۽ ڇَرُن، جابلو چوٽين ۽ ميدانن ۾ بدر ابڙي، سيد حاڪم علي شاھ بخاري، اشـتيـاق انصـاري ۽ ٻين سان سفر ڪري چڪو آھي. عزيز رانجهاڻيءَ جا ٻہ ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن: (1) ’سنڌ جون ڍنڍون‘ (جلد پھريون) ۽ (2) ’مها ٻوڏ‘ (11-2010ع)، پوئين ڪتاب ۾ ’سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري‘ 2010ع ۽ 2011ع ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ ۽ برساتن سبب سنڌ جي جيڪا تباھي ۽ لڏپلاڻ ٿي، ان جو مفصل احوال ڏنو ويو آھي.
- جنم: 1968-09-07
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل