منور سراج

نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار منور سراج جو امڙ جو رکيل اصلي نالو منور علي. جڏھن تہ اسڪول ۾ داخلا جو نالو ’منورالدين ولد وريام سولنگي‘ آھي. منور سراج 12 فيبروي 1970ع تي پيدا ٿيو.
سندس والد روينيو کاتي ۾ ڪوٽار ھيو، جنھن جي قدمن ۾ ’ڄام صاحب کان وٺي مُنڍ جمڙائو‘ جي لھرن تائين وارياسين ڀِٽُن جو پنڌ ۽ تتل صحرا جون لِڦون لکيل ھيون. بابا جي پنڌن کان امان جي مُرڪن تائين ۽ مُرڪن ۾ ويڙهيل ڳالھين جي اُداسيءَ مان گذرندي سندس تعلق ڪھاڻين سان جُڙي ويو. امڙ جي اکين پُورجڻ کان پوءِ سندس افسانن اکيون کوليون تہ انھن ۾ لڙڪ ئي لڙڪ ھئا.  ڪھاڻيڪار طور ھن ڪھاڻي "رنگن وکرڻ کانپوءِ “ 1998ع ڌاري ڏڪندڙ آڱرين ۽ ڌڙڪندڙ دل سان تخليق ڪئي ھئي. ھن مھل تائين سندس ڪھاڻين جا ٽي ڪتاب ’رنگن وکرڻ کان پوءِ‘ 2004ع، ’خوابن جي سرحد‘ 2008ع، ’خوابن جا رستا‘ 2016ع، ٻہ ناول ’کاٻي اک جو خواب‘ 2012ع ۽ ’پيراڊائيز پوائنٽ تي شام‘ 2019ع لکجي ۽ ڇپجي چڪا آھن. ڪھاڻي ڪتاب "خوابن جي سرحد “ جو ٻيو ڇاپو بہ ڇپيو آھي. جڏهن تہ ’ارُون ڌتي راءِ‘ جو ناول ’گاڊ آف سمال ٿنگز‘ جو ترجمو سنڌيڪا طرفان ’هيڻن جو الله‘ جي نالي سان ٻہ ڀيرا ڇپيو آھي. ماڻڪ منير جي زندگي ۽ لکڻين تي سھيڙيل ڪتاب ’ماڻڪ جي بريف ڪيس مان‘ ماءِ پبليڪيشن طرفان ڇپيل آھي، جڏهن تہ ھاڻي پنھنجي ڪھاڻين جو چوٿون ڪتاب ڇپرائڻ جي مرحلي ۾ اٿس.. ’جين پال سارتر‘ جو ناوليٽ  ’چائلڊ ھُڊ آف اَ ليڊر‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آھي، جيڪو سڦلتا پبليڪيشن طرفان "هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ" جي نالي سان ڇپيو آھي. جڏهن تہ ھڪ ڪھاڻي ڪتاب "ارڙهين ڪھاڻي جي اداسي“ ۽ ھڪ ناول "ڪچي ننڊ وارو ماڻھو“ ويجهر ۾ ڇپجڻ جي توقع آھي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھ سان تعلق اٿس. سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ نوابشاھہ ۾ رھائش اٿس.

  • جنم: 1970-02-12
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image