علامہ علي خان ابڙو

علامہ علي خان ولد عمر خان ابڙو 1888ع ڌاري تعلقي ميھڙ ضلعي دادو (تنھن وقت ضلعو لاڙڪاڻو) جي ھڪ ننڍي ڳوٺڙي ’سانگي‘، تپو منگواڻِي ۾ پيدا ٿيو. سندس والدہ ماجدہ جو نالو بصرہ خاتون ھو. علي خان، جنھن کي سڀ ڳوٺاڻا ’خان‘ ڪري سڏيندا ھئا، نھايت ذھين ۽ قابل شاگرد ثابت ٿيو. انھيءَ ڪري سندس والد کيس سنڌ مدرستہ السلام ڪراچي ۾ داخل ڪرايو. ھُو ايڏو تہ ذھين ۽ ھوشيار ھو جو سڄي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ يعني: سنڌ، گجرات، مھاراشٽر ، راجستان ۽ پُونا ۾ مئٽرڪ کان وٺي بِي اي، ايم اي تائين ھندن توڙي مسلمانن ۾ پھريون نمبر آيو. اھڙو ڪارنامو ٻئي ڪنھن بہ ھندو توڙي مسلمانن سر انجام نہ ڏنو ھو. کيس بمبئي ۾ يونيورسٽيءَ جو فيلو مقرر ڪيو ويو. پوءِ تہ مشھور تعليمدان ۽ استاد ٿيو. ٻالجتيءَ کان پنج وقتو نمازي ۽ خدا ترس بزرگ ھو. عربي، فارسي ۽ انگريزي علوم جو ماھر ھو.
جيتوڻيڪ انگريزي ادب جا شاھڪار ڪتاب ھميشہ پاڻ سان گڏ رکندو ھو پر سندس والھانہ محبت ھئي حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ قرآن حڪيم سان. قرآن حڪيم جو ڪو اھڙو ترجمو يا تفسير نہ ھو جيڪو سندن مطالعي ۾ نہ آيو. شاھ ولي الله، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا يوسف علي، لنڊن جي خواجہ ڪمال الدين، مولانا ابوالاڪلام آزاد، پڪٿال، گابا ۽ علامہ المشرقي وغيرہ جي لکڻين ۽ خيالات جو چڱيءَ طرح مطالعو ھئس ۽ وٽس ھر وقت عالم سڳورن جي آمد ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري ھوندو ھو. پاڻ مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان گهڻو متاثر ھئا ۽ اڪثر وٽن حاضري ڀريندا ھئا. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ 40 سال لکندا رهيا. انھن مان ڪيترا ئي ڪتاب قرآن، سيرت، اسلامي اخلاق ۽ معاشري بابت لکيائون جيڪي تمام مقبول ٿيا ۽ اسلامي سوچ جي جديد لھر سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿي. جديد معاشيات تي ھڪ ڪتاب ’اسلام ۽ ڪميونزم‘ بہ لکيائون. محترم محمد عثمان ڏيپلائي کانئن گهڻو متاثر ھو ۽ اڪثر وٽن ايندو ھو. مولانا عبدالحق نصرپور وارو ۽ مولانا محمد اسماعيل لغاري مِسڻ وارو، جي وڏا انقلابي سوچ رکندڙ عالم ھئا، سي بہ وٽس ايندا ھئا. باقي، مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ پنھنجي سر وڃي علم جو فيض حاصل ڪندا ھئا.
ھُن ’تفسير المُنير‘ جي نالي ھيٺ ھڪ تفسير ويھين صديءَ جي پُر آشوب ۽ اٿل پٿل واري دور ۾ ترتيب ڏنو يا لکيو. سڄي عمر روزانو قرآن شريف يا تفسير جو مطالعو ڪندي کين محسوس ٿيو تہ کيس عوام الناس لاءِ سليس ترجمو ۽ تفسير لکڻ کپي. سو، ڪيترن عالمن سڳورن سان تبادلہ خيالات ڪندي 1945 ع ڌاري تفسير لکڻ شروع ڪيائين. جيڪي ڪجهہ لکندو رهيو، سو عالمن سڳورن کي وقت بہ وقت ڏيکاريندو ۽ ان متعلق تبادلہ خيالات ڪندو رهيو. مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ علامہ يوسف علي جا تفسير سندس پسنديدہ ھئا پر سندس دلي ۽ روحاني لاڙو مولانا تاج محمود امروٽي ڏانھن ھو. آخري دور ۾ ھن جون تفصيلي ملاقاتون حضرت مولانا پير عبدالستار جان سرهندي سان رهيون جيڪو وڏو عالم ۽ روحانيت جو صاحب ھو. تفسير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اھو مولانا غلام محمد ۽ علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب بہ نظر مان ڪڍيو. اھو ترجمو ۽ تفسير مڪي معظم جي قاري سعيد احمد صاحب کي بہ نظر مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو ويو ھو، جنھن لکت ۾ پنھنجي پسنديدگيءَ جو اظھار ڪيو. وڏي ڳالھہ تہ اھو حضرت مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارن کي ڏنو بہ ويو، جنھن پڙهي فرمايو تہ، ”اسان پاڻ تفسير لکڻ جو سوچيو ھو، پر ھي تفسير پڙهڻ کان پوءِ اسان کي ڪا خاص ضرورت محسوس نہ ٿي ٿئي.“ 
علامہ علي خان ابڙي جي ڪجهہ ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي.
(1). حالات نبوي، (2). احاديث نبوي، (3) رسومات تباهي، (4). تعليمات اسلام (ٻہ حصا)، (5). اسلام ۽ ترقي (چار حصا)، (6). اخلاقي گلدستو، (7). اسلام ۽ چونڊون، (8). اسلام ۽ ڪميونزم، (9). اسلام جو مالي نظام، (10). اسلام ۽ ڪميونزم (انگريزيءَ ۾)، (11). يوسف زليخا (ڊرامو)، (12). علم ۽ ديني علم“، (13). ”سولي سنڌيءَ جي تاريخ“، (14). ”ائٽلس جاگرافي“، (15). ”نئون اروگيہ وگيان“ (علم صحت)، (16). ”اخلاقي ۽ مذهبي تعليم“، (17). ”قرآن ۽ ڪانسٽيٽيوشن“، (18). ”ترقي سنڌ مسلم“، (19). ”پيسٽالازي، (20). ”سنڌي گرامر“ وغيرہ 
جمال ابڙو صاحب لکي ٿو تہ ”مون کي بابا جو (علي خان ابڙي صاحب جو) آخري خط 30 جون 1954ع ۾ مليو جنھن ۾ لکيو ھئائون تہ تفسير مڪمل ٿيڻ سان سندس زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو ھو“. پاڻ 16 جُولاءِ 1954ع تي وفات ڪيائون.

  • ورسي: 1954-07-16
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image