ڪلاڌر مُتوا جو جنم ھندستان جي ڪڇ جي ٻھراڙيءَ ۾ آيل هڪ تمام ننڍڙي ڳوٺ پناهواري، جنھن جي آبادي ڏيڍ سو کان مٿي ڪونہ هوندي اتي 1967 ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گهريواري ڳوٺ جي ميرخان متوا جي قائم ڪيل تعليمي اداري آشرم شالا مان پرائي. گهريواري ڳوٺ سندس ڳوٺ کان ٻہ ڪلو ميٽر پري آهي. جتي روز پيادل وڃي هن پڙهائي ڪئي.
اتي ئي آيل مولانا آزاد هاءِ سڪول مان اٺون ۽ نائون درجو پاس ڪيو. ان زماني ۾ ڏهين درجي جي پڙهائيءَ جو بندوبست ان هاءِ سڪول ۾ ڪونہ هو انھيءَ ڪري هن کي ڏهين درجي جي پڙهائيءَ لاءِ مندرا تعلقي جي رتاڙيا ڳوٺ وڃڻو پيو. ۽ اتي هڪ سال هاسٽل ۾ رهي سنجيوني ودياليہ مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. ائين هن ٻنيءَ جي متوا برادري جي نون ڳوٺن مان پھرين مئٽرڪ پاس ٿيڻ واري شخص طور شرف حاصل ڪيو. هن جي پڙهائي کي جاري رکڻ ۾ سندس جيجل ماءُ جون وڏيون قربانيون آهن. جيڪا سئيءَ سان سنھڙا ڀرت ڀري سندس پڙهائيءَ جا خرچ پورا ڪندي رهي.
ڪلاڌر کي اڳتي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو پر غربت، سهوليتن جي اڻاٺ ۽ نہ ئي ڪو گائيڊ ڪرڻ وارو، انھن ڪارڻن جي ڪري هو اڳتي پڙهائي جاري نہ رکي سگهيو. ۽ جتان پرائمري تعليم پرائي هئي ان ئي آشرم شالا ۾ بطور انٽريئنڊ ٽيچر طور نوڪري ڪئي. ڏهہ سال کن اها نوڪري ڪئي. جتي هو گجراتي پڙهائيندو رهيو.
ڪلاڌر جي پڙهائي گجراتي ميڊيم ۾ ٿي آهي. سنڌي جا صرف ٻہ ڪتاب مدرسي ۾ هن مولوي عنايت الله کان پڙهيا. جيڪو سنڌ جي مدرسن مان سنڌي تعليم حاصل ڪري آيو هو. ۽ سنڌيءَ جو ڪاتب هو.
ڪلاڌر گجراتي، هندي، سنڌي، اردو، ڪڇي ۽ ٿوري جهججهي انگريزي بہ ڄاڻي. هن لکڻ جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي. گجراتيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. طالب علميءَ واري دور ۾ سندس گجراتي ۾لکيل مضمونن کي استاد واکاڻيندا هئا. پر هن کي هميشھہ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ وارو چاھ رهيو. جنھن لاءِ هن سنڌي ڪتاب پڙهڻ طرف ڌيان ڏنو. پر ٻنيءَ ۾ سنڌي ڪتاب اڻ لڀ هئا. پڙهي تہ ڇا پڙهي. پر جتي چاھ آهي اتي راھہ آهي. هن پنھنجي سنڌي ٻوليءَ کي سڌارڻ لاءِ قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو پڙهيو، تہ احمد ملاح صاحب وارو منظوم ترجمو نورالقرآن بہ پڙهيو. هوريان هوريان جيئن عمر وڌندي رهي ۽ ورهاڱي وقت لڏي آيل اديب سنڌين سان تعارف ۽ تعلقات وڌندا رهيا. سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر لکمي کلاڻي ۽ ڊاڪٽر جيٺو لالواڻي جھڙن گهڻگهرن اديبن سان واقفيت ٿيس تہ هندوستان جي ليکڪن جا ڪجهہ ڪتاب بہ کيس پڙهڻ لاءِ دستياب ٿيا ۽ سيمينارن ۾ وڃڻ جا وجهہ مليا. ائين ڌيري ڌيري سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
هن جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن طرح آهن.
01 موتيءَ داڻا (ڪھاڻيون) 1999
02 گيت متون جا (لوڪ ادب) ــ 1999
03 لوڻ جو قرض (ڪھاڻيون) ــ 2003
04 رڻ جا رنگ (ناول) ــ 2006
05 سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (درسي) 2007
06 ٿڳڙ (ڪھاڻيون) 2012
07 ڳجهارتون(لوڪ ادب) ــ 2012
08 ڪڇ ۾ سنڌيت (مضمون ) 2018
09 مھاڳ، مضمون ۽ مقالا ــ 2020
10 اسماءُالحسنيٰ 2020
11 جهلي اچ لاڏا کٽ تي (لوڪ ادب تحقيق ــ اڻڇپيل)
12 اُڪير ( ڪھاڻيو) ڇپائيءَ جي مرحلي ۾
هو سنڌيءَ کان علاوھہ ٻين ٻولين تي بہ چڱي دسترس رکي ٿو انھيءَ ڪري هن ترجمي واري کيتر ۾ بہ چڱو ڪم ڪيو آهي. جنھن جا تفصيل هن ريت آهن.
1. ”پتڻ ٿو پور ڪري“ شيخ اياز جي ڪتاب جو ڪڇيءَ ۾ ” گهاٽ تو گهوگهاٽ ڪري“ عنوان ـــ 2005
2. ”اکيپاتر“ بندو ڀٽ جو ورهاڱي جي درد تي لکيل گجراتي ناول جو ”اڻکٽ پيالو“ عنوان سان ترجمو(ساهتيہ اڪادمي لاءِ) 2014
3. ”گلستان غليظ ٿي رهيو آهي“ گوبند خوشحالاڻيءَ جي سنڌي ناول جو اردوءَ ۾ ”گلستان غليظ هو رها هئہ“ عنوان سان.
4. ” آکيرا آڪاس ۾“ رام بخشاڻيءَ جي لکيل سوانح (آتم ڪٿا) جو اردوءَ ۾ “آسمان ڪي طرف” عنوان سان ترجمو.
5. ”جيون آهي مڌو بن“ وليرام ڪشناڻيءَ جي ڪهاڻين جي ڪتاب جو ”جيون ڇي مڌوٻن“ عنوان سان.
6. نارايڻ جوشيءَ جي لکيل ڪڇي درسي ڪتاب ”ڪڇي پاٺاولي“ جو ”ڪڇي سنڌي پاٺاولي“ نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو 2015
7. شاھہ جي رسالي جي (ڏهن سُرن) جو گجراتيءَ ۾ ترجمو، جيڪو ”ديويہ ڀاسڪر“ اخبار ۾ سلسليوار ڪالم طور ڇپيو.
8. ”ڀيلون ڪا ڀارت“ ڪتاب جو ‘ڀيلن جو ڀارت’ نالي سان مرڪزي ساهتيہ اڪادمي لاءِ سنڌي ۾ ترجمو، جيڪو ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.
ڪلاڌر جون ادبي رچنائون هند سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپجنديون رهيو آهن. سندس لکيل ناول ‘رڻ جا رنگ’ سنڌ مان نڪرندڙ ‘هزار داستان ۾’ قسطوار ڇپيو. ائين هو سنڌ جي اديبن ۾ متعارف ٿيو. ڪاوش مئگزين ۾ ڪڇ جي ثقافت سان منسلڪ شايع ٿيل مضمونن جي ڪري بہ هن کي سنڌ ۾چڱي چوکي سڃاڻپ ملي. سارنگا ۾ بہ سندس ڪي ڪھاڻيون ڇپيون آهن. سنڌ سلامت ڪتاب گهر واري ويب تي تہ سندس ڪجهہ ڪتاب چڙهيل آهن ئي آهن. جنھن جي ڪري ئي تہ هن کي قارئين تائين پھچڻ جو ڪجهہ اڃان بہ وڌيڪ موقعو مليو آهي.
هي ريسرچ اسڪالر بہ آهي. هو پنهنجي اداري تحت تحقيق وارو ڪم ڪندو ئي رهي ٿو. ٻين ادارن لاءِ بہ اهرا ڪم ڪيا آهن. جنھن ۾ ڪراچي يونيورسٽي پاران شايع ٿيل ‘شاھ عبدالطيف انسائڪلوپيڊيا’ لاءِ ڪڇ جي مناسبت سان ڪيل رسرچ ورڪ جهڙا ٻيا بہ ڪيترا تحقيقي ڪم ڪيا آهن. ۽ قومي ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۾ پنهنجا مقالا پيش ڪيا آهن.
ڪلاڌر متوا هندوستان جي سنڌي ادب ۾ ‘آنچلڪ اديب’ طور پاڻ کي متعارف ڪرايو آهي. ڇو تہ هن جي تخليق ڪيل رچنائن ۾ ٻنيءَ علائقي جي مٽي ۽ ثقافت جو هڳاءُ آهي. هو پنھنجي علائقي جي نمائندگي ڪري ٿو. هندوستان جي ادب جي جڏهن بہ آنچلڪ ساهتيہ (ريجنل لٽريچر) جي ڳالھہ نڪرندي آهي تڏهن ڪلاڌر متوا جو ئي نالو سامھون ايندو آهي.
ڪلاڌر متوا جي لکڻين جو جوڳو قدر بہ ٿيو آهي. هن جون ڪي ڪھاڻيون ۽ مضمون هندوستان جي مختلف سليبس ۾ سامل آهن . ڪلاڌر جو لکيل ‘ڳجهارتون’ ڪتاب لوڪ ادب جي حوالي سان ممبئي يونيورسٽيءَ پاران ريفرنس بوڪ طور ايم اي جي شاگردن لاءِ سليڪٽ ٿيل آهي.
ڪلاڌر متوا کي هيل تائين ٽيھارو جيترا ننڍا وڏا مان سنمان ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن. جنھن ۾ ڀارت سرڪار جي قومي اداري قومي ڪونسل براءِ فروغ سنڌي ٻولي وارو اوارڊ بہ شامل آهي. ان کان علاوھہ گجرات سنڌي اڪادمي، راجسٿان سنڌي اڪادمي، گجرات اردو اڪادمي ، گجرات ڪڇي اڪادمي طرفان بہ اوارڊ مليل آهن.
ڪلاڌر متوا ننڍن وڏن گهڻن ئي ادارن جو ميمبر آهي. مرڪزي ساهتيہ اڪادمي هندوستان جي 24 کان وڌيڪ ٻولين جي واڌ ويجهہ ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو آهي ان جي سنڌي ايڊوائزري بورڊ ۾ ميمبر ٿي رهيو آهي. ان کان علاوھہ بِرلا فائونڊيشن جيڪو هر سال هندوستان جي ڪنھن بہ هڪ ٻوليءَ جي ليکڪ کي پندرهن لکن واري انعام سان نوازيندو آهي ان اداري طرفان سنڌي ريجنل ڪميٽيءَ ۾ بہ ٽن سالن لاءِ ميمبر ٿي رهيو. ان کان علاوھہ ڪڇي ساهتيہ ڪلا سنگهہ جو بہ ميمبر آهي.
هن پاڻ سنڌيءَ ۾ لکي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي ان کان علاوھہ هن ‘ٻني سنڌو سيوا سنگهہ’ نالي ادارو قائم ڪري ٻني علائقي ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي لاثاني خدمت ڪري رهيو آهي. هن اداري تحت هڪ تمام سٺي لائبريري هلي رهي آهي. ان کان علاوھہ سرڪاري ادبي ادارن جي مالي مدد سان هن ٻنيءَ کي کڻي ڪيترا ئي صوبائي ۽ پڻ قومي سطح وارا سيمينار بہ ڪيا آهن. جنھن جي وجھہ سان هندوستان جا تقريبن تمام اديب ٻنيءَ اچي هتي جي ثقافت کان متعارف ٿيا آهن.
هن جي جوڙيل اداري پاران ‘ٻني ڪلچرل ريسرچ سينٽر بہ قائم ٿيل آهي جنھن جو ڪڇ يونيورسٽيءَ سان الحاق ٿيل آهي. جنھن تحت ٻنيءَ سان جڙيل شين جو ڊاڪيومينٽيشن ڪيو وڃي ٿو.
اداري کي پنھنجو سٺو ڪئمپس آهي. جنھن ۾ آفس، لائبريري، ريسرچ سينٽر۽ ملاقات لاءِ ايندڙ اديبن محققن لاءِ مھمان خانو وغيرھہ جھڙيون سھوليتون موجود آهن. سرڪاري مالي مدد سان اڌ ڪروڙ جي لاڳت سان شاهي لائبريري هن سال ٺھي تيار ٿي آهي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڪلاڌر مُتوا جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن