علي احمد بروهي
سنڌي ادبي تاريخ ۾ علي احمد بروهي برک مزاح نگار ٿي گذريو آھي. ھن مزاحيا ڪھاڻيون ۽ ڪالم لکي، سنڌي ادب ۾ مزاح نگاريءَ کي نوان رخ ڏنا، علي احمد بروهي 11 نومبر 1920ع تي کنڀڙا ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس اباڻو ڳوٺ ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ آھي. سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھن ”رايل انڊين نيويءَ“ ۾، ٻي مهاڀاري جنگ دوران ملازمت اختيار ڪئي، جتي 1946ع ۾ مشھور ”نيوي بغاوت“ ۾ حصو ورتائين ۽ بحري فوج جي ٻين ساٿين سان گڏ جيل اماڻيو ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ علي احمد بروهيءَ جو صحافتي سفر شروع ٿيو. ”قرباني“، ”صداءِ سنڌ“ (ڪراچي)، ”انقلاب“، ”منشور“ ۽ ”ميني فيسٽو“ (سکر)، اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر رهيو. 1954ع ۾ خيرپور رياست جي اطلاعات کاتي ۾ شموليت سان ھن جي نوڪريءَ جو سفر شروع ٿيو ۽ جڏهن 1955ع ۾ خيرپور رياست جي پاڪستان ۾ شموليت ٿي تہ ھي مغربي پاڪستان اطلاعات کاتي جو ملازم بنجي ويو. ھن ڪولمبو پلئن (1960ع) ھيٺ انگلينڊ مان ٽوئرزم ۾ سکيا ورتي. 1970ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز سنڌ مقرر ٿيو. 1971ع ۾ ڀُٽي صاحب جي حڪومت ۾ کيس نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو. 1973ع کان 1978ع تائين مختلف انڊسٽريل ڪارپوريشنن جو قانوني صلاحڪار رهيو، 1978ع ۾ کيس صدر جنرل ضياالحق ملازمت تي بحال ڪيو ويو ۽ سڌ سماءُ جي مرڪزي وزارت جو او. ايس. ڊي (O.S.D) اسلام آباد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ 1979ع ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن عھدي تي 1980ع تائين رهيو. 1980ع ۾ ئي وفاقي وزارت جي ھٿ ھيٺ ھلندڙ ”شيخ سلطان ٽرسٽ“ جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو .
1955-1950ع واري دور ۾ علي احمد بروهي ھڪ سٺي مزاح نگار طور اُڀريو، سندس ڪھاڻين ۾ ”عثمان حجم جو ڏند ڪڍائڻ“ ۽ ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“، مزاحيه ڪردار نگاريءَ جا اعليٰ مثال آھن. ھن جي مزاح نگاريءَ تي دنيا جي مشھور مزاح نگار جيرنڪي. جيرو جو اثر نمايان آھن .
ھن جي ڪھاڻين ۽ خاڪن ۾ کل ڀوڳ سان گڏ سماجي براين ۽ مذھبي نمائش تي سخت تنقيد آھي. سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آھن، جهڙوڪ: (1). ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا (خاڪا: 1984ع)، (2). ”واٽ ويندي“ (خاڪا: 1986ع)، (3). ”سڏن مٿي سڏڙا“ (1987ع)، (4). ”ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙيون“ (1990ع)، (5). ”ڪک پن“ (1996ع)، (6) The Temple of Sun God“ (1998ع)، (7). ”لاھوتي لڏي ويا“، (8). ”وتايو فقير“ (2004ع)، ھن سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ مسلسل ڪالم لکيا، ھن کي سنڌي بهترين ڪالم نگار طور اي. پي. اين. ايس (A.P.N.S) اوارڊ بہ مليو. مزاح، تاريخ نويسي ۽ آرڪيالاجي ۽ موسيقي ھن جي پسند جا موضوع ھئا، بروهي صاحب پھرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي .
- جنم: 1920-11-11
- ورسي: 2003-12-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل