رزاق مھر

Author Name

ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامانگار، رزاق مھر جو پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجھو خان مهر هو. هن 20 جولاءِ 1954ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول مراد واهڻ لاڙڪاڻي مان ورتائين، مئٽرڪ 1971ع ۾ ڊي. سي. هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. بي. اي 1975ع ۾ محمد موسيٰ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين.
رزاق مھر لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ’ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان‘ هئي، جنھن کانپوءِ هو مسلسل لکندو رهيو. رزاق مھر جي مقبوليت جو سبب ڪھاڻين سان گڏ ڊراما نگاري بہ هو. 1991ع ڌاري پي ٽي وي تان پيش ٿيندڙ سندس ڊراما سيريل ’جياپو‘ تمام گھڻي مشهور ٿي. جنهن کانسواءِ پي. ٽي. ويءَ تان سندس ڪيترا ڊراما نشر ٿيندا رهيا، جن ۾: ’وڇوٽيون‘، ’زندگيءَ ڏانهن‘، ’راهه جو پٿر‘، ’سفر‘، ’زخم زندگيءَ جا‘، ’اعتراف‘، ’ڌرتيءَ ڌڻي‘، ’دوري‘ ۽ ٻيا شامل آهن.
رزاق مهر نہ صرف ٽي. وي ڊراما، پر اسٽيج ڊراما لکي بہ پاڻ ملھايو. سندس اسٽيج ڊرامن ۾ ’بد حواس هيڊ ڪلرڪ‘، ’ٽي خانداني بي روزگار‘، ’ايف آءِ آر‘، ’مولوءَ مت وڃائي‘ ڪافي مقبول ٿيا.
رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پھريون مجموعو ’سڪون ڪٿي آهي‘ 1983ع ۾ ۽ ٻيو مجموعو ”ڊهندڙ ليڪا“ 2009ع ۾ ڇپيو. ڪيترو ئي عرصو لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ رسالي ’نئين دنيا‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو ۽ پيشي جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ ليڪچرار هو. هن وڏو عرصو پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ درسي خدمتون سرانجام ڏنيون. اتي ملازمت دوران پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، تعليم کاتي سنڌ ۾ ملازمت ڪيائين. هو گورنمينٽ ڪاليج جوهي، قمبر ۽ لاڙڪاڻي ڪاليجن ۾ ليڪچرار رهيو. رزاق مهر کي سنڌي ادبي بورڊ ڪهاڻي ’آڙاھ‘ تي ۽ سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن سندس ڊراما سيريل ’جياپو‘ تي اوارڊ ڏنا.
رزاق مهر 13 آگسٽ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ لاڙڪاڻي ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رزاق مھر جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


رزاق مھر جا ڪتاب

سڪون ڪٿي آهي، ليکڪ : رزاق  مھر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سڪون ڪٿي آهي
ليکڪ : رزاق مھر
ڊهندڙ ليڪا، ليکڪ : رزاق  مھر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڊهندڙ ليڪا
ليکڪ : رزاق مھر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ