نثار کوکر

Author Name

نثارکوکر ڪلاس جو لکاري هئڻ سان گڏ ڪالم نگار آهي ته صحافي، ناول نگار، تجزيه نگار، مقرر، سيلاني، ڪمپيئر، سماج سڌارڪ، صوفي، قل وقتي قلمي يوڌو ۽ اسان جي پوئتي پيل سماج ۾ اٿندڙ هر ٽيڏي ۽ ڪروڌي لهر کان باغي، ڀرڪيل ۽ ٽهيل اهڙن انسانن منجهان آهي جيڪي هن دور جون تمام صعوبتون پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ اڻانگي رستن تي سدائين اڳڀرو رهندا آهن ته جيئن اسان جون ايندڙ نسلون امن، ڀائپي، پيار ۽ پاٻوهه جو سج اڀرندي ڏسي ڪو سک جو ساهه پسي سگهن.  

نثار کوکر جو جنم تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ 8 مارچ 1969ع ڌاري ٿيو.  هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان، ميٽرڪ 1984ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان، بي ايس سي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ 1996ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ماسٽرز ڪئي.

نثار کوکر صحافتي زندگي جي شروعات حيدرآباد مان نڪرندڙ عبرت گروپ جي رسالي بختاور جي جوائنٽ ايڊيٽر طور ڪئي جنهن کان پوءِ روزاني سنڌي اخبار ڪاوش جو حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو جتان اداري کيس سکر ۾ بيوروچيف ڪري موڪليو. ڪجهه وقت کان پوءِ لاڙڪاڻو ۾ ڪي ٽي اين جو بيورو چيف طور ٽي سال کن صحافتي فرضن جي سرانجامي ڏيندو رهيو. 6 سال بي بي سي اردو سروس ۾ آن لائين ايڊيٽر ۽ پروڊيوسر طور پاڪستان جي مختلف علائقن بشمول سکر، ملتان، ڪراچي ۽ اسلام آباد وغيره ۾ ڪم ڪندو رهيو. اهڙي طرح انٽر نيوز انٽرنيشنل ۾ به سنڌ جي پراونشل مينٽر طور ڪم ڪري ٻيهر ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ ۾ اسٽاف رپورٽر مقرر ٿيو جتي هن وقت تائين ڪم ڪري رهيو آهي. نثار کوکر صحافتي دنيا جي چئني محاذن ريڊيو جرنلزم، اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽنگ ميڊيا ۽ آن لائين جرنلزم ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. 

نثار مختلف ادبي، فلاحي ادارن ۽ اين جو اوز ۾ پڻ ڪم ڪندو رهيو آهي.  سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر رهيو آهي. پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن سان به ڪرائيم اگينسٽ وومن سان وابستگي رهي اٿس. 2006ع ۾ سري لنڪا ۽ ڪولمبو گهمي آيو ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سڏ تي برطانيه مان به ٿي آيو آهي جڏهن ته هڪ دفعو هونولولو (هوائي جي) اداري طرفان پينلسٽ طور امريڪا مان پڻ چڪر هڻي آيو آهي. سندس چار ڪتاب مسافر محبتون، لاپته محبت، گونگي تاريخ جا فرد ۽ تازو ڪجهه مهينا اڳ انگريزي ۾ Blind Justice جي نالي سان ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن. 

نثار کوکر جي سموري زندگي انسانن جي اهنجن جو علاج ڳوليندي ظلم، ناانصافي ۽ بربريت خلاف جاکوڙيندي ۽ واڪا ڪندي گذرندي رهي آهي ۽ گذرندي رهي ٿي

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نثار کوکر جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


نثار کوکر جا ڪتاب

مسافر محبتون، ليکڪ : نثار کوکر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مسافر محبتون
ليکڪ : نثار کوکر
گونگي تاريخ جا فرد، ليکڪ : نثار کوکر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گونگي تاريخ جا فرد
ليکڪ : نثار کوکر
لاپته محبت، ليکڪ : نثار کوکر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لاپته محبت
ليکڪ : نثار کوکر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ