مريم مجيدي

سنڌ جي نالي واري شاعرہ مريم مجيدي ولد محمد خان مجيدي ذات جتوئي، 15 جون 1946ع (اسڪول رڪارڊ ۾ 1943ع) ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقو ميرپوربٺورو ضلعو سجاول ۾ پيدا ٿي. پرائمري تعليم ۾ پھريان ٽي درجا دڙو بوائز پرائمري اسڪول ۽ اُن کانپوءِ سيڪنڊري جي اٺن درجن تائين تعليم چانڊيا ھاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيا. ايس وي ٽريننگ وومين ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان 62-1961ع ۾ ڪئي. مئٽرڪ پرائيويٽ اُميدوار طور 1970ع ۾ بوائز ڪاليج ٺٽي مان پاس ڪيائين. بي ايڊ 1973ع ۾ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ ڪئي. ايم ايڊ 1984ع ۾ اولڊڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪئي. مريم مجيدي نوڪري جي شروعات سيپٽمبر 1960ع ۾ بطور پرائمري اُستاد گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٺٽو کان ڪئي. 1980ع ۾ کيس HST اسڪيل مليو ۽ گرلس مڊل اسڪول سجاول ۾ پوسٽنگ مليس ۽ ساڳئي ئي اسڪول ۾ ھيڊمسٽريس پڻ رهي. 1991ع کان سب ڊويزنل آفيسر ايجوڪيشن سجاول ۽ پوءِ مختلف عرصي لاءِ ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري ٺٽو، اي ڊي او سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ڊي اي او (پرائمري) ٺٽو پڻ رهي. 12.06.2002 تي رٽائرمينٽ وقت ھوءَ سجاول ۾ اي ڊي او پرائمري جي عھدي تي فائز ھئي.
مريم مجيدي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. ھن جو پھريون شعر اُن وقت ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ رسالي برسات ۾ ڇپيو. ھن ڪجهہ مقالا، ڪالم ۽ ڪھاڻيون بہ لکيون جيڪي روزانہ سوڀ ۽ روزانہ جاڳو اخبار ۾ ڇپيون. پر سندس لکڻ جو اصل محور شاعري ئي رهي، جنھن ۾ ھن پنھنجي جداگانہ سڃاڻپ پيدا ڪئي. مريم مجيدي جو پھريون شاعري جو مجموعو سروم دکم دکم 1986ع ۾ ڇپيو، جنھن کي بھترين شاعري جي مد ۾ ٽي ايوارڊ مليا 1- سنڌي ادبي سنگت پاران 2- صد سالا جشن مرزا قليچ بيگ جي تقريب ۾ مرزا قليچ بيگ ايوارڊ ۽ 3- سنڌالاجي پاران شاعري جو بھترين ڪتاب. ھن جي شاعري جو ٻيو مجموعو نيرانا ئي نيڻ 2012 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مريم مجيدي کي ڀلوڙ شاعرہ ۽ بھترين اُستاد ھئڻ جي ناتي ٻيا بہ کوڙ سارا ايوارڊ مليا جن مان ڪجهہ جو تفصيل ھن ريت آھي. (1) رسالي نئين زندگي ڪراچي جي ملهايل سلور جوبلي تقريب ۾ کيس بھترين شاعرہ جو ايوارڊ، اُردو جي نامياري شاعر احمد فراز ھٿان ڏياريو ويو. (2) SPO طرفان 8.3.16 تي شاعرہ ۽ ايڪٽوسٽ طور ايوارڊ (3) شاھ لطيف جي 268 عرس مبارڪ تي شيلڊ (4) سنڌ ريڊيئنٽ آرگنائيزيشن (SRO) طرفان 2012 ۾ سرويچ سجاولي ايوارڊ (5) سول سوسائٽي سجاول پاران بھترين شاعرہ ۽ اُستاد جو ايوارڊ (6) 12 مارچ 2016ع تي سرور نواز ٻگهيو فائونڊيشن ڪوٽڙي پاران ادبي خدمتن تي ايوارڊ (7) 17 آڪٽوبر 2016 تي سنڌي ادبي سنگت پاران ھري دلگير يادگار لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (8) 2018ع ۾ قادر بخش ڀٽو ٽرسٽ پاران نوري ڄام تماچي تي پڙهيل مقالي تي ايوارڊ. 
مريم مجيديءَ  جي اڻ ڇپيل ادبي پورهيئي ۾ مضمون، مختلف ڪتابن تي لکيل مھاڳ، تبصرا ۽ انٽرويو وغيرہ شامل آھن، جن کي ھوءِ ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿي. مريم مجيدي جي شاعري ۾ جتي سونھھن ۽ فطرت جي انوکن اسرارن کي پسي سگهجي ٿو. اُتي سندس شاعري ۾ عام ماڻهو جي پيڙا ۽ درد جو اولڙو بہ پسي سگهجي ٿو، تہ ساڳئي وقت انسان جي ابدي خوشين ۽ آجپي جو چٽو تصور ۽ واضح پيغام بہ سندس شاعري ۾ موجود آھي. مريم مجيدي جو جيتوڻيڪ ڪنھن سياسي ڌر سان واسطو نہ رهيو آھي، پر سندس شاعري ۾ طبقاتي ۽ قومي مسئلن ۽ جدوجھدن جي نشاندھي جو عنصر نمايان رهيو آھي، ۽ شايد اِھوئي ڪارڻ آھي جو جڏهن بہ ڌرتي ڌڻين تي ڏکيا ڏينھن آيا آھن، تہ ھوءِ عملي طور اُنهن سان گڏ بيٺل نظر آئي آھي. سندس ان ئي عمل جي ڪري 17.10.2012 ۾ حڪومت طرفان مڙهيل مڪاني سرشتي جي ٻٽي نظام جي سخت مخالفت ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻڻ جي الزام ۾، مٿس دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. سنڌ جي مريم مجيدي ڪافي وقت سجاول ۾ گذارڻ کانپوءِ ويجهڙائي ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي آئي آھي، پر ھن جو سجاول سان مستقل تعلق جڙيو رهندو اچي ٿو.

 

  • جنم: 1946-06-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image