خالده سحر سومرو

Author Name

  پهرين اپريل 1988ع تي لاڙڪاڻي ۾ شير علي سومرو جي گھر ۾ جنم وٺندر خالده سحر سومرو جو اصل نانءُ خالده آهي ، خالده جو اسڪول جي زماني کان ئي ادب ڏانهن لاڙو رهيو، هن ڪافي سارن شاعرن، اديبن کي پڙهيو، پر، شيخ اياز، استاد بخاري،  فيض احمد فيض، پروين شاڪر جي شاعري سندس دل ۽ دماغ/ذهن تي وڌيڪ اثرانداز ٿي. 
معاشري جي ٻٽن معيارن، نا انصافين، انسانيت جي پئماليءَ تي هن جي دل ڏکندي هئي، جڏهن اهو درد برداشت کان ٻاهر ٿيس ته هن ڪاغذ ۽ قلم جو سهارو ورتو، خالده 2004ع کان خالده سحر سومرو جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس ادبي استاد انور ڏنگڙائي صاحب جن آهن، جڏهن ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي ان لاءِ مشعل راھ جي حيثيت رکي ٿو. 
خالده سحر سومرو جي پهرين تخليق ” غزل “ 2009ع ۾ سوڀ اخبار ۾ ڇپيو، ان بعد سندس تخليقون، سوڀ، جيجل، سنڌو، ڪوشش، ڪاوش، فاسٽ ٽائيم، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، عوامي آوازسنڊي مئگزين، جرس مئگزين ۽ اردو اخبار ” نئي بات ، ۾ ڇپيون. خالده سحر، غزل، نثري نظم، آزاد نظم، ٽيڙو، هائيڪا ۽ نظم وعيره لکيا آهن، جڏهن ته سندس پسنديده صنف آزاد نظم آهي، خالده پنج کن ڪھاڻيون به لکيون آهن جن مان ٽي ڇپيل اٿس. 2009ع ۾ ئي خالده سحر سومرو جي شاعريءَ جو مجموعو ” آجپو گھرجي “ جي نالي سان ڇپيو. خالده سحر سومرو، وقتن فوقتن ادبي، سماجي ۽ NGO`s جي پروگرامن شرڪت ۽ انهن جي ڪمپيئرنگ ڪندي رهي ٿي، پر باقاعده ڪنهن تنظيم جي ميمبر نه آهي، خالده سحر کي پرڀات وومين ڊولپمينٽ سوسائٽي طرفان بهترين سوشل ورڪر جو ايوارڊ سال 2012ع.
*شرڪت گاھ اداري پاران بهترين ليکڪا جو ايوارڊ 2014ع.
*انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ HRD هيومن رائيٽس ڊفينڊر سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام پاران ايوارڊ 2015ع مليل اٿس
ان کان علاوه خالده سحر سومرو Ktn جي پروگرام ” جيئي لطيف “ جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪري چڪي آهي.

علي محمد درد سولنگي جي مضمون تان ورتل

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي خالده سحر سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


خالده سحر سومرو جا ڪتاب

آجپو گهرجي، ليکڪ : خالده سحر سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
آجپو گهرجي
ليکڪ : خالده سحر سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ