فقير محمد سنڌي

Author Name

فقير محمد سنڌي جو جنم پنهنجي ناني جي گھر ۾ نانو پڌر لاڙڪاڻي ۾07 جنوري 1983ع تي ٿيو . فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي محلي مراد واهڻ ۾ هن وقت رهائش پذير آهي.
فقير محمد سنڌي گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاهه محمد سنڌي ۾ پنج درجا سنڌي پڙهيو ان کان پوءِ مئٽرڪ 1998ع تي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪندري اسڪول مان پاس ڪيائين انٽر 2000ع ۾ سچل سرمست اورينٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ بي اي 2003 ۾ ساڳي اورينٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين، مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان 1998 ۾ پاس ڪيائين، اهڙي طرح درسِ نظامي جو ڪورس 1995 کان 2001ع تائين مدرسه جامعه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان سند الفراغ سان فارغ التحصيل ٿيو. فقير محمد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا 1995ع کان ڪئي. جنهن جو پهريون استاد شاعر جمشيد رضوي مولوي فاروق احمد خاصخيلي، استاد شاعر جي ايم رئيساڻي مدئجوي، ان کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ جو دادلو شاعر اديب، گيتڪار محقق، مرتب ۽ ڇند وديا جو استاد سرمد چانڊيو کان مڪمل سکيا ورتائين. فقير محمد سنڌي ڌرتيءَ جو لائق شاعر ۽ نثر نويس آهي. جنهن جي لکڻين ۾ رومانيت، سماجيات ۽ مزاحمت جو سنگم شامل آهي.
فقير محمد سنڌي ادبي دنيا جو متحرڪ خدمتگار آهي. جيڪو مسلسل ادبي خدمتون نڀائي ٿو. پاڻ نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري، اياز ادبي اوطاق جو سيڪريٽري جنرل، قلمڪار پبليڪيشن جو نگران، ارادو اخبار جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جو ڪمپيئر آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ڪافي پروگرام ميزباني نشر ٿين ٿا . 

فقير محمد سنڌي جا ڪتاب جيڪي مارڪيٽ ۾ آيل آهن. سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا:
وچن وفا جا 2004ع شاعري ، جاني جيون جوڙ2008ع شاعري ، قلمڪار ڪوي گڏيل شاعري، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ سلسليوار تاريخ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو، فن ۽شخصيت حفيظ کوھارو، سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق ،جي ايم رئيساڻي زندگيءَ بابت ۽ سونهن سمبارا، 2016ع ريڊيو اسڪرپٽ ڪتاب جيڪي ادبي حلقن ۾ شهرت ماڻي چڪا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فقير محمد سنڌي جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


فقير محمد سنڌي جا ڪتاب

عظيم هستين جا عظيم قول، ليکڪ : فقير محمد سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
عظيم هستين جا عظيم قول
ليکڪ : فقير محمد سنڌي
سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)، ليکڪ : فقير محمد سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)
ليکڪ : فقير محمد سنڌي
سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)، ليکڪ : فقير محمد سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)
ليکڪ : فقير محمد سنڌي
تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر، ليکڪ : فقير محمد سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر
ليکڪ : فقير محمد سنڌي
ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)، مُرتب : فقير محمد سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)
مُرتب : فقير محمد سنڌي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ