سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

Author Name

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 26 نومبر 1939ع تي ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ سيد امام الله شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو، تڏهن ھن پنھنجي نالي سان ڏاڏاھي لڳايو. پاڻ تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي، انگريزي تعليم به گھر ۾ ئي حاصل ڪيائين، کيس ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڊگري موجود نه ھئي. 
هن 14 سالن جي عمر ۾ شاعريءَ جي ابتدا 1953ع ۾ مشهور شاعر، خان محمد خان غنيءَ جي رھنمائيءَ ۾ شروع ڪئي،پاڻ شاعريءَ جي صنفن ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، بيگ، حمد، منقبت، نعت ۽ مناجات تي بهترين ڀرپور طبع آزمائي ڪئي، جڏھن تہ مزاحيه شاعري به ڪيائون، جيڪا 1960ع کان 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي، سندس لکيل ڪلامن جو تعداد 2 هزارن کان به مٿي آھي. 
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي صاحب صحافت سان به 35 سال وابسته رهيو، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس افسانا، مضمون، مقالا ۽ ڪالم شايع ٿيا، پاڻ بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ڏاڏاهي ادبي تنظيم ۽ پريس ڪلب ٽنڊي الهيار جو بنياد به رکيو. 
سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي صاحب کي علمي،ادبي ۽ صحافتي خدمتن عيوض ”سهڻي ميهار گولڊ ميڊل“، ”نئين زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ “، ”قلندر شهباز ايوارڊ “، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ”بهترين شاعر جو ايوارڊ“، ”مهراڻ ڪلچرل ايوارڊ“، ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ“، ”سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار ايوارڊ“ سميت ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا، کيس 1992ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ سندس تاجپوشي ڪري کيس سونو تاج پارايو ويو ۽ صدارتي ايوارڊ به ماڻيائين. 
سنڌ جو ھي حسن، محبت ۽ عشق جو شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي 1967ع کان ٽنڊي الهيار ۾ رهائش پذير هيو، وڏي عرصي کان دم، ھرنيا ۽ غدود جي بيمارين ۾ مبتلا رهندڙ ھي شاعر 82 سالن جي عمر ۾ 15 فيبروري 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. 

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن. 

1.زهر و زم زم (شاعري)
2. تون پارس آءٌ لوهه (شاعري)
3.سهڻا سرها گل (شاعري)
4.مان ذرو تون ماهتاب (شاعري)
5. ٿورا نه ٿورا (شاعري)
6. نہ هِن پاسي نه هُن پاسي (شاعري)
7.ڏاڏاھي جا ڏوھ ھزار (شاعري) 
8.نہ ھن پاسي نہ ھن پاسي (سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جا مزاحیہ ۽ سنجيده ڪالم) (مرتب: جاويد مرتضى ڏاڏاھي)

(ساجد رند جي ٿورن سان)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪتاب

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي، ليکڪ : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي
ليکڪ : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
تون پارس آئون لوھُہ، مصنف : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تون پارس آئون لوھُہ
مصنف : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ